Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

۽ عابد هئڻ باوجود خوفِ خدا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا۔ ان سان گڏ اسان جا ٻيا بزرگ به خوفِ خدا رکڻ وارا هوندا هئا۔

منقول آهي ته حضرت سَيدُنا يحيي بن عبدالملڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نهايت ئي بارُعب شيخ الحديث هئا، پر سندن تي خوفِ خدا جو وڏو غلبو هو۔ پاڻ ڏينهن رات روئيندا رهندا هئا ايستائين جو سندن اکين ۾ هميشه آشوبِ چشم (اک ڏکڻ جي ڪري جيڪا ڳاڙهاڻ هجي، ان) جهڙي ڳاڙهاڻ رهندي هئي۔ اها ڏسي ڪجهه ماڻهن عرض ڪيو: ”سائين! اوهان جي اکين جو علاج اهو آهي ته اوهان روئڻ ڇڏي ڏيو۔“ ته پاڻ فرمايائون: ”جيڪڏهن هي اکيون الله پاڪ جي خوف کان روئڻ ڇڏي ڏين ته پوءِ انهن ۾ ڪهڙي ڀلائي باقي رهجي ويندي؟“

                                                    (اوليائے رجال الحديث ص۲۵۷از خوفِ خدا، ص۷۲)

 حضرت علي بن بڪار بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تمام وڏا محدث ۽ زهد وتقوٰي وارا بزرگ هئا۔ سندن دل تي خوفِ خدا جو ايترو غلبو هو جو ڏينهن رات روئيندا رهندا هئا ايستائين جو اکين جو نور ختم ٿي ويو۔ (اوليائے رجال الحديث ص۱۹۶،خوفِ خدا،ص۷۳)

 حضرت سَيدُنا ابو بِشر صالح مُرّي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وڏا نالي وارا محدث هئا۔ پاڻ وڏا پراثرخطيب هئا۔ وعظ جي دوران سندن اها ڪيفيت ٿيندي هئي جو رب جي خوف مان ڏڪندا رهندا هئا ۽ ايتري قدر روئيندا هئا جيئن ڪا عورت پنهنجي اڪيلي ٻار جي مري وڃڻ تي روئيندي آهي۔ ڪڏهن ڪڏهن ته گھڻي روئڻ ۽ بدن جي ڏڪڻ سان سندن عضوئن جا جوڙ پنهنجي جڳھ تان هِلي ويندا هئا. ۽ سندن جي بيان جو ٻڌڻ وارن تي اهڙو اثر ٿيندو هو جو ڪي ماڻهو تڙپي تڙپي بي هوش ٿي ويندا هئا ۽ ڪي انتقال ڪري ويندا هئا۔ سندن خوفِ خدا جو اهو عالم هو جو جيڪڏهن ڪنهن قبر کي ڏسي وٺندا هئا ته ٻه ٻه، ٽي ٽي ڏينهن حيران ۽ خاموش رهندا هئا ۽ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندا هئا۔

                                                   (اوليائے رجال الحديث ص۱۵۱،خوفِ خدا، ص۷۶)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد