Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

هن فرمان: ”اِنَّمَاالْاَعْمَالُ بِالْخَوَاتِيم اعمال جو دار ومدار خاتمي تي آهي۔ (بخاري،ڪتاب القدر،باب العمل بالخواتيم، ۴/۲۷۴، حديث: ۶۶۰۷) تي پورو پورو يقين هو تڏهن ته انهن جا ڏينهن رات صرف انهيء فڪر ۾ گذرندا هئا ته ڪٿي اسان جو ايمان اسان کان کسجي نه وڃي، اسان کي گھرجي ته فاني دُنيا جي ڌوڪي ۾ مبُتلا رهڻ ۽ پنهنجو قيمتي وقت فضوليات، ناجائز و حرام ڪمن ۾ برباد ڪرڻ بدران ايمان جي حفاظت جي لاءِ ڪوشش ۾ رهون، اٿندي ويهندي، هلندي ڦرندي ۽ پنهنجي ظاهر ۽ باطن کي گُناهن کان پاڪ رکون، سٺي صحبت اپنايون، بُرن دوستن ۽ بُري دوستي کان بچون، سوشل ميڊيا (Social Media) جي غلط اِستعمال(Miss Use) سان پنهنجو پاڻ کي بچايو، جي ها! موجوده دَور ۾ ايمان جي بربادي ۾ اِنٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا (Social Media) جي غلط اِستعمال جو به تمام گھڻو هٿ آهي۔بعض اوقات اِنسان "ضرورت" جي نالي تي گھڻين خواهشن کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجي عمر ائين ئي گذاري ڇڏيندو آهي ۽ خواهشون آهن جيڪي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن۔ اي ڪاش! اسان هر عمل الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪريون ۽ هر وقت الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڊڄندا رهون۔

تیرے ڈر سے سَدا تَھر تَھراؤں      خوف سے تیرے آنسو بہاؤں

کَیْف ایسا دے، ایسی ادا کی        میرے مولیٰ تُو خَیْرات دیدے

(وسائل بخشش ،ص ،۱۲۸)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ تحصيلِ عِلمِ دِين

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان سرڪارِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ ٻين بزرگانِ دين جي پاڪيزه اوصاف بابت ٻڌي رهيا هئاسين۔ انهن جي عمده وصفن مان هڪ وصف علم حاصل ڪرڻ به آهي۔ يقيناً اڄ عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ جي لاءِ جيڪي سهولتون (Facilites) آهن اهي پهريان ڪڏهن نه هيون، پهريان علم