Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

مجلسِ ڊاڪٽرز:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي ڪم و بيش 105 شعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، انهن مان هڪ شعبو ” مجلس ڊاڪٽرز“ به آهي.

موجوده دور ۾ عِلاج جا مُختلف طريقا ھئڻ جي سبب طبيبن جي سڃاڻپ جي لاءِ نالا به الڳ الڳ رکيا ويا آهن۔ جيئن ته جڏهن ڊاڪٽرن جو نالو ورتو ويندو آهي ته ان مان عام طور تي اَيلو پيٿڪ ڊاڪٽر مُراد هوندا آهن۔ يوناني طِب وارن کي حڪيم چوندا آهن، جانورن جي ڊاڪٽرکي ويٽرنري ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرن جو هڪ قسم ھوميوپيٿڪ ڊاڪٽر چيو ويندو آهي۔ الغرض مَوجُوده دَور جي طبيبن کي ڏٺو وڃي ته انهن جي اڪثريت فَرض عُلُوم يعني بنيادي ضروري ديني عُلُوم کان ناواقف نظر ايندي آهي۔ جيئن ته عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ طبيبن جي ھر طَبقي جي لاءِ هڪ الڳ مجلس قائم ڪئي وئي آهي، ان تمام مَجلسن جو بنيادي مَقصَد ان پيشي سان وابسته ماڻهن جي دلين ۾ فَرض عُلُوم جي اَھميت اُجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن تائين دعوتِ اسلامي جو مدني پيغام پھچائڻ ۽ انهن کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪندي هن مدني مقصد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ‘‘ جي مُطابِق زندگي گذارڻ جو مدني ذهن ڏيڻ آهي۔

اللہ  کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تیری دھوم مچی ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد