Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

راتِیں زاری کر کر رَوندے، نیند اَکھیں دی دَھوندے

فجرِیں اَو گنْہار کہاندے، سب تھیں نِیْوِیں ہَوندے

مختصر وضاحت: يعني اولياءِ ڪرام اهڙا نيڪ ٻانها آهن جن جون راتيون گِريه وزاري ڪندي گذرن ٿيون جنهن جي سبب انهن جون ننڊون اڏامي وينديون آهن، ان جي باوُجُود جڏهن صبح ٿيندي آهي ته ماڻهن جي اڳيان پنهنجو پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ گنهگار تصوُّر ڪندا آهن۔ (ميں سدھرنا چاهتا هوں، ص۹)

بغيرچراغ جي گھر روشن رهندو هو!

(2) پنهنجي زماني جي وليّه حضرت حَفصه بنتِ سيرين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جيڪا خوابن جو علم رکڻ واري تمام وڏي عالم ۽ امام حضرت محمد بن سيرين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڀيڻ آهي، هي شهرِ بصره جي انتهائي عبادت گذار خاتون هئي، پاڻ سڄي رات نماز پڙھندي گذارينديون هيون ۽ نماز ۾ اڌ قرآنِ پاڪ تلاوت ڪنديون هيون۔ ڪڏهن پنهنجي نماز پڙھڻ جي جاءِ تي ايتري دير نماز ۾ بيٺل رهنديون هيون ۽ سندن چَراغ وسامي ويندو هو، پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي لاءِ صُبح تائين (چراغ جي روشني جي بغير) گھر روشن رهندو هو۔ (روح البيان، ۶/۲۴۲ الفرقان، تحت الآية: ۶۴)

عِبادت میں گُزرے مِری زِندگانی

کرم ہو کرم یاخدا! یااِلٰہی!

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ

گناہوں سے ہر دم بچا یاالٰہی!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اي نفس تون ڪيترو سمهندين؟

(3)         مشهور وليّه حضرتِ رَابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي باري ۾ منقول آهي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي وفات تائين هي عادت رهي جو سڄي رات نماز پڙھنديون رهنديون هيون ۽ جڏهن فجر جو وقت ويجھو ٿيندو هو ته ڪجھ دير جي لاءِ