Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

ڍڪيندو هو جو نگاهن کان غائب ٿي ويندا هئا، ايستائين جو فجر نماز جي لاءِ گھران ٻاهر نڪرندا هئا۔ (بهجة الاسرار، ص۱۶۴ملخصاً)

هڪ ٻي روايت ۾ خود غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي عبادت ۽ رياضت جا معمولات بيان ڪندي ارشاد فرمائن ٿا: مان پنجويھ (25) سالن تائين اڪيلو جهنگلن ۽ ويرانن ۾ رياضت (عبادت) ڪندو رهيس ۽ پندرهن (15) سالن تائين مون عشاء هن طرح ادا ڪئي جو ان کان پوءِ قرآن پاڪ جو ختم شريف پورو ڪندو هئس، هن حال ۾ جو مان هڪ پير تي بيٺل رهندو هئس۔ هڪ رات ڏاڪڻ تي چڙهندي منهنجي نفس مون کي چيو: توهان هڪ گھڙي به آرام نٿا ڪريو؟ ته مون نفس جي اها ڳالھ پنهنجي لاءِ خطرو سمجھندي هيئن ڪيم جو هڪ پير تي بيهي رهيس ۽ قرآنِ پاڪ پڙھڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ تيستائين ائين ئي بيٺل رهيس جيستائين پورو قرآن پڙهي نه ورتو۔ (نزهة الخاطر الفاتر:۵۰)

مرتبہ یوں تِرا خالق نے بڑھایا یاغوث

اولیاء کا تجھے سُلطان بنایا یاغوث

میں نکمّا تو کسی کام کے قابل ہی نہ تھا

مجھ سے بے کار کو تم نے ہی نِبھایا یاغوث

قابلِ رَشک ہے واللہ وہ قسمت والا

تُو نے کُتا جسے اپنا ہے بنایا یاغوث

آفَتوں میں ہوں گِرِفتار، مدد کو آؤ!

آہ! دنیا کے غَمُوں نے ہے سَتایا یاغوث

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو شان

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی