Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

عَلَيْه ڪيترا عبادت گذار هئا، عبادت سان محبت جو اهو عالم هو جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه رات کي مختلف حصن ۾ ورهائي رکيو هو، رات جي ڪنهن حصي ۾ ذڪر و اذڪار ڪندا هئا، ڪنهن حصي ۾ نفل ادا ڪندا هئا، ڪڏهن ڊگھا سجدا ڪندا هئا ته ڪڏهن غور ۽ فڪر ۾ مصروف ٿي ويندا هئا، ڪڏهن تلاوتِ قرآن ڪندا هئا ته ڪڏهن عاجزي ۽ انڪساري سان دعائون گھرڻ ۾ مشغول ٿي ويندا هئا۔ سڄي رات اهو ئي سلسلو رهندو هو۔ ۽ اهو سندن جو ئي شان آهي جو ڪيئي ڪيئي سالن تائين جهنگلن ۽ ويرانن ۾ عبادت ڪندا رهيا، ۽ 15 سالن تائين عشا جي نماز اهڙي طرح سان ادا ڪيائون جو ان کان پوءِ هڪ پير تي بيهي ختمِ قرآن ڪندا رهيا۔ ۽ اهو به سندن ئي جو شان آهي جو چاليھ (40) سالن (Forty years) تائين عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا ڪيائون ۽ سندن معمول هو ته جڏهن بي وضو ٿيندا هئا ته يڪدم وضو ڪندا هئا ۽ ٻه رڪعت نماز نفل پڙھندا هئا۔ (بهجة الاسرار،ذڪرطريقه ، ص ۱۶۴ملخصاً)

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ اسان جو ڪردار

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو هڪ پاسي ته اسان جي سامهون سرڪارِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مقدس زندگي آهي جڏهن ته ٻي پاسي اسان پنهنجي حال تي به نظر ڪريون۔ ٭ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو معمول هو ته ڏينهن ۽ رات عبادت ۾ گذاريندا هئا جڏهن ته اسان پنهنجون زندگيون خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن فُضول ڪمن ۾ برباد ڪري رهيا آهيون، ٭ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تمام وڏا ولي الله هئڻ جي باوجود آخري عمر تائين عبادت ڪرڻ ۽ نيڪيون ڪمائڻ ۾ مصروف رهيا، جڏهن ته اسان مان اهڙا به آهن جن پنهنجي سڄي زندگي غفلت ۾ گُذاري پوڙهائپ ۾ به نيڪين ڏانهن مائل نٿا ٿين، ٭ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نماز جا گھڻا پابند هئا جڏهن ته اسان مان ڪجهه ته مهينن تائين مسجدن جو رستو نٿا ڏسن، کوڙ اهڙا آهن جيڪي عيد نماز جي لاءِ سال ۾ هڪ ڀيرو ئي نهايت اِهتمام سان مسجد جو رُخ ڪندا آهن پر ڪجهه هن سعادت کان به محروم نظر اچن ٿا۔ ٭ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڄي زندگي