Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

ٿا:

غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو خوفِ خدا

حضرت سَيدُنا شيخ سَعدِي شِيرازِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته ''مسجدُ الحرام ۾ ڪجھ ماڻهو ڪعبةُ الله شريف جي ويجھو عبادت ۾ مصروف هئا۔ اوچتو اُنهن هڪ شخص کي ڏٺو ته ڪعبي جي ديوار سان چنبڙي زارو قطار روئي رهيو آهي ۽ ان جي چپن تي هي دُعا جاري آهي، ''اي الله! جيڪڏهن منهنجا عمل تنهنجي بارگاھ جي لائق نه آهن ته قيامت جي ڏينهن مون کي انڌو اٿارجانءِ۔“ ماڻهن کي اها عجيب وغريب دُعا ٻڌي گھڻو تَعَجُّب ٿيو، پوءِ اُنهن دُعا گھرڻ واري کان پڇيو،''اي شيخ! اسان ته قيامت ۾ عافيت جا طلب گار آهيون ۽ اوهان انڌو اٿاريو وڃڻ جي دُعا ڪري رهيا آهيو، ان ۾ ڪهڙو راز آهي؟“ ان شخص روئيندي جواب ڏنو،“ منهنجو مطلب هي آهي ته جيڪڏهن منهنجا عمل الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ جي لائق نه آهن ته مان قيامت ۾ انڌو اٿاريو وڃڻ پسند ڪيان ٿو ته مون کي ماڻهن جي سامهون شرمسار نه ٿيڻو پوي۔“ اهي سڀ اهو عارفاڻو جواب ٻڌي بي حد متاثر ٿيا پر پنهنجي مُخاطب کي سڃاڻيندا نه هئا، ان ڪري پڇيو، ”اي شيخ! اوهان ڪير آهيو؟'' ان جواب ڏنو: ''مان عبدُالقادر جيلاني آهيان۔ (خوفِ خدا،ص ۱۱۹)

مِرے اشک بہتے  رہیں کاش ہر دم                                     تِرے خوف سے یاخدا! یاالٰہی!

تِرے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ                                 میں تھر تھر رہوں کانپتا یاالٰہی!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خوفِ خدا جو جذبو مرحبا۔ اي ڪاش جو غوثِ پاڪ جي صدقي اسان کي به خوفِ خدا نصيب ٿي وڃي۔

ياد رکو! خوفِ خدا تمام وڏي نعمت آهي، جنهن کي اها نعمت نصيب ٿي وڃي ان جي دنيا به چڱي ٿي ويندي آهي ۽ ان جي آخرت به سنورجي ويندي