Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

اهڙي طرح اسان جا اسلاف به ننڍپڻ کان ئي عِلمِ دِين جي تحصيل ۾ مصروف ٿي ويندا هئا۔ منقول آهي ته حُجّة الاِسلام حَضرتِ سَيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا والدِ محترم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پاڻ جيتوڻيڪ لکيل پڙهيل نه هئا پر انهن کي عِلمِ دِين جي اَهميت جو گھڻو احساس هو، ان ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دلي خواهش هئي ته سندن ٻئي صاحبزادا محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ احمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه علمِ شريعت ۽ طريقت جي زيور سان سينگاريل هجن۔ انهيء مقصد جي لاءِ انهن پنهنجي صاحبزان جي لاءِ ڪجھ اثاثو به بچايو هو، جيڪو سندن جي انتقال تي انهن ٻنهي سعادت مند پٽن جي علم حاصل ڪرڻ واري سفر ۾ گهڻو ڪم آيو۔  (مقدمهٔ احياءالعلوم مترجم از علامه صديق هزاروي، ص۱۸ملخصاً)

اهڙي طرح سرڪارِ اعليٰ حضرت، امام اهلسنّت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به ننڍپڻ کان ئي عِلمِ دِين ڏانهن متوجه ٿيا، ايستائين جو ساڍا چار سالن جي ننڍڙي عمر ۾ قرآنِ مجيد ناظِره مڪمَّل پڙھڻ جي نعمت سان سرفراز ٿيا ۽ صِرف تيرهن (13) سال ڏھ مهينا چار ڏينهن جي عمر ۾ تمام مُرَوَّجه عُلُوم پنهنجي والدِماجد رئيسُ المُتَڪلِّمِين مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽان حاصل  ڪيا۔            (حياتِ اعلي حضرت ص ۷۱ملخصاً)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني مذاڪره“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هنن واقعن مان اسان کي به اهو درس ملي رهيو آهي ته اسان به عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، عِلمِ دِين سکڻ جو هڪ ذريعو اهو به آهي ته اسان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃون ۽ 12 مَدَني ڪمن ۾ عملي طور تي شامل ٿيڻ جي سعادت حاصل ڪندا رهون۔ هنن 12مدني ڪمن مان ڪجھ مدني ڪم جيئن مدرسة المدينه بالغان، مدني قافلو، هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت، چوڪ درس ۽ مسجد