Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

هدايت جو سرچشمو آهي، عِلمِ دِين گناهن کان بچڻ جو ذريعو آهي، عِلمِ دِين خوفِ خدا کي بيدار ڪرڻ جو نسخو آهي، عِلمِ دِين دنيا ۽ آخرت جي عزّت ماڻڻ جو سبب آهي، عِلمِ دِين مُرده دلين جي حيات (Life) آهي، عِلمِ دِين ايمان جي سلامتي جو محافظ آهي، عِلمِ دِين خلقِ خدا جي محبت ماڻڻ جو سبب آهي۔ مطلب ته! عِلمِ دِين بي شمار خوبين جو جامع آهي، عِلمِ دِين ۾ دِين به آهي، عِلمِ دِين ۾ دنيا به آهي، عِلمِ دِين ۾ سڪون به آهي، عِلمِ دِين ۾ اطمينان به آهي، عِلمِ دِين ۾ لذّت به آهي ،عِلمِ دِين ۾ آرام به آهي، تنهنڪري عقل مند اهو ئي آهي جيڪو عِلمِ دِين جي طلب ۾ مشغول ٿي دنيا سان گڏ اخروي نجات جي بهتري جو به سامان ڪري وڃي۔

افسوس! اسان جي معاشري جي اڪثريت نه ئي پاڻ عِلمِ دِين سکڻ ڏانهن متوجھ ٿئي ٿي ۽ نه ئي پنهنجي اولاد کي عِلمِ دِين سيکاري ٿي۔ پنهنجي هوشيار (لائق ۽ ذهين) ٻارن کي دُنياوي علوم وفنون ته خوب سکاريا ويندا آهن پر فرض علوم، قرآنِ ڪريم پڙھائڻ ۽ سُنّتون سيکارڻ ڏانهن توجھ ناهي ڪئي ويندي۔ اها خواهش ته ڪئي ويندي آهي ته منهنجو پٽ ڊاڪٽر، انجينئر، پروفيسر ۽ ڪمپيوٽر پروگرامر بڻجي پر پنهنجي اولاد کي عالمِ دين، مفتي اسلام ۽ شيخ الحديث بڻائڻ جي سوچ ختم ٿيندي پئي وڃي۔ اي ڪاش! اسان پنهنجي اولاد کي علِم دِين سيکاري پنهنجي لاءِ صدقه جاريه ڇڏي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، اي ڪاش! هر پيءُ اها تمنّا رکندو هجي ته منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي اولاد مان ڪو غُسلِ ميت ڏي، منهنجي اولاد مان ڪو منهنجو جنازو پڙھائي، منهنجي تدفين جي وقت منهنجو اولاد قبر تي تِلاوت ِ قرآن ڪري منهنجي انڌيري قبر ۾ روشني جي سامان جو ذريعو بڻجي، منهنجو اولاد منهنجي لاءِ اِيصالِ ثواب ڪري، پر ياد رکو! اهي تمنائون تڏهن پوريون ٿي سگھنديون جڏهن اسان جو اولاد عِلمِ دِين جي لازوال دولت سان مالا مال ٿيندو۔