Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

۲۲۴) هن حديث پاڪ مان اسڪول ڪاليج ۾ رائج ٿيل دنياوي تعليم نه بلڪ ضروري ديني علم مراد آهي،

٭ لهٰذا سڀ کان پهريان بنيادي عقيدن جو علم سکڻ فرض آهي ٭ انهيءَ کان پوءِ نماز جا فرض، شرط ۽ مُفسِدات (يعني نماز ڪيئن درست ٿيندي آهي ۽ ڪيئن ٽٽي پوندي آهي) ٭ پوءِ رمضانُ المُبارڪ جي آمد تي روزا فرض هجڻ جي صورت ۾ روزن جا ضروري مسئلا (سکڻ فرض آهن) ٭ جنهن تي زڪوٰت فرض هجي ان جي لاءِ زڪوٰت جا ضروري مسئلا (سکڻ فرض آهن)، ٭ اهڙيءَ طرح حج فرض هجڻ جي صورت ۾ حج جا (مسئلا سکڻ فرض آهن)، ٭ نڪاح ڪرڻ چاهي ته نڪاح جا، ٭ واپاري کي خريد ۽ فروخت جا(مسئلا سکڻ فرض آهن)، ٭ نوڪري ڪرڻ واري جي لاءِ نوڪري جا، نوڪر رکڻ واري جي لاءِ اِجاري جا ٭ هر مسلمان عاقل بالغ مرد ۽ عورت تي ان جي موجوده حالت جي مطابق مسئلا سکڻ فرضِ عين آهن۔ ٭ اهڙي طرح هر هڪ جي لاءِ حلال ۽ حرام جا مسئلا به سکڻ فرض آهن ٭ اهڙي طرح باطني فرض مثال طور؛ عاجزي، اِخلاص، ۽ تَوَڪُّل وغيرها ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ جو طريقو ۽ باطني گناهه مثال طور تڪبُّر، رياڪاري، حسد، بدگماني، بغض ۽ ڪينو، شُماتت (يعني ڪنهن جي مصيبت تي خوش ٿيڻ) وغيرها ۽ انهن جو علاج سکڻ هر مسلمان تي فرض آهي ٭ مُهلِڪات يعني هلاڪت ۾ وجهڻ واريون شيون جيئن ته وعده خلافي، ڪوڙ، غيبت، چغلي، بُهتان بدنگاهي، ڌوڪو، ايذاءِ مسلم وغيره وغيره تمام صغيره ۽ ڪبيره گناهن جي باري ۾ ضروري احڪام سکڻ به فرض آهن ته جيئن انهن کان بچي سگھجي۔ (نيڪي ڪي دعوت، ص۱۳۵ بتغير) انهن عِلمن جي وڌيڪ تفصيلات جي لاءِ اميرِ اهلسنّت جي تصنيف" نيڪي جي دعوت" ص 135 جو مطالعو اِنتهائي مُفيد رهندو۔

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي عِلمِ دِين ئي هڪ لازوال دولت آهي، عِلمِ دِين انبيا عَلَيهمُ السَّلَام جي ميراث آهي، عِلمِ دِين قُربتِ الٰهي جي راھ آهي، عِلمِ دِين