Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

گھڻو معاون ۽ مددگار آهي، ٭ مدني چينل تي هلڻ وارا عِلمِ دِين سان مالامال مختلف سلسلا عِلمِ دِين سکڻ جو شوق پيدا ڪندا آهن، هفتيوار مدني مذاڪرو پاڻ به پابندي سان ڏسو ۽ پنهنجي گھروارن کي به ڏيکاريو، ان سان به عِلمِ دِين سکڻ جو شوق پيدا ٿيندو، ٭ هر هفتيوار مدني رِسالي جي مطالعي جو معمول بڻائي وٺو، ان جي برڪت سان به عِلمِ دِين سکڻ جو شوق پيدا ٿيندو ٭ ماهنامه فيضانِ مدينه جي مطالعي جي برڪت سان به عِلمِ دِين سکڻ جو شوق پيدا ٿيندو۔ ٭ دعوتِ اِسلامي جي ويب سائٽ (www.dawateislami.net) جو وِزٽ ڪريو، ڪيئي موضوعن تي سُنّتن ڀريا بيان (آڊيو/ويڊيو)، مدني مذاڪرا ڏسڻ ٻڌڻ، عِلمِ دِين سان مالامال ڪتابن ۽ رسالن جي مطالعي جي برڪت سان عِلمِ دِين سکڻ جو شوق پيدا ٿيندو۔ ٭ مدني قافلن ۾ سفر جي برڪت سان عِلمِ دِين سکڻ جو شوق پيدا ٿيندو۔

عِلمِ دِين جي فضيلتن جي ته ڇا ڳالھ ڪجي! مڪتبة المدينه جي ڪتاب بهارِ شريعت جلد 3 ص 618 تي لکيل آهي: ٭ علم اهڙي شيء ناهي جنهن جي فضيلت ۽ خُوبين کي بيان ڪرڻ جي حاجت هجي، ٭ سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته علم نهايت بهتر شيء آهي، ٭ ان کي حاصِل ڪرڻ فضيلت جو سبب آهي۔ ٭ هيءَ اها شيء آهي جنهن سان اِنساني زندگي ڪامياب ۽ خُوشگوار ٿيندي آهي ٭ ۽ انهيء سان دنيا ۽ آخرت سُڌرندي آهي۔ ٭ (۽ علم مان) اهو علم مُراد آهي جيڪو قرآن ۽ حديث مان حاصل ٿئي، ٭ ڇوته هي ئي اهو علم آهي، جنهن سان دنيا ۽ آخرت ٻئي سنورجي ويندا آهن.٭ هي ئي اهو علم آهي جيڪو نجات جو ذريعو آهي ٭ ۽ هن جي قرآن و حديث ۾ ساراھ بيان ٿي آهي ٭ ۽ هن جي تعليم ڏانهن توجھ ڏياري وئي آهي۔ (بهار ِشريعت ،۳/۶۱۸، بتغير) ياد رهي! ڪجهه عِلمن کي حاصل ڪرڻ فرض آهي۔

جيئن ته نُورِ مجَسَّم، شاھ بني آدمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: ”طَلَبُ الْعِلْمِ فَرِيضَة عَلٰي کلِّ مُسْلِمٍ“ يعني علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي۔ (اِبن ماجه ج۱ ص۱۴۶ حديث