Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڄ اسان غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ ٻين نيڪ ٻانهن جي باري ۾ ٽن وصفن جو ذڪرِ خير ٻڌنداسين۔ سڀ کان پهريان عبادت ۽ رياضت بابت ٻڌنداسين، اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيتري قدر عبادت گذار هئا، ان بابت ڪجھ واقعات ٻڌڻ سان گڏوگڏ ٻين اولياءِ ڪرام جي عبادت ۽ رياضت جي باري ۾ به ٻڌنداسين۔ ضمناً عبادتِ الٰهي جي اهميت ۽ ان جي فائدن بابت ڪجھ مدني گل به ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ ٻين اولياءِ ڪرام ۾ موجود هڪ ٻي نيڪ وصف يعني ”خوفِ خدا“ بابت به ڪجھ واقعا بيان ڪيا ويندا۔ گڏوگڏ خوفِ خدا جي اهميت (Importance) ۽ ان جا فائدا به ذڪر ڪيا ويندا۔ ان کان پوءِ عِلمِ دِين جي اهميت ۽ بزرگانِ دِين جي ننڍپڻ ئي کان عِلمِ دِين سکڻ جا ڪجھ واقعا به پيش ڪيا ويندا۔

الله ڪري ته دِلجمعي سان اسان شروع کان آخر تائين چڱين چڱين نيتن سان بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ عبادت جي ڪثرت

حضرت شيخ محمد بن اَبُوالفَتح هرَوِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته مان حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ ڪجھ راتيون رهيس، انهن راتين ۾ مون سندن معمول هي ڏٺو ته هڪ تهائي رات تائين نفل پڙھندا هئا ۽ پوءِ ذڪر ۾ مصروف رهندا هئا پوءِ ڪجھ ورد پڙهندا هئا۔ مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ته ڪڏهن سندن جسم ڪمزور ٿي ويندو هو، ڪڏهن صحت مند، ڪنهن وقت منهنجي نگاهن کان غائب ٿي ويندا هئا پوءِ ٿوري دير بعد اچي ويندا هئا ۽ قرآن ڪريم پڙھندا هئا،ايستائين جو رات جو ٻيو حصو گذري ويندو هو، سجدا گھڻا ڊگھا ڪندا هئا، پنهنجي چهري کي زمين تي رکندا هئا، تهجد ادا ڪندا هئا ۽ مراقبي ۽ مشاهدي ۾ طلوعِ فجر تائين ويٺا هوندا هئا پوءِ نهايت عاجزي ۽ نوڙت ۽ خشوع سان دعا گھرندا هئا، ان وقت پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي اهڙو نور