Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

ٻه مدني گُل:   (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله ، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ماه رَبِيعُ الآخِر، ماه فاخِر، ماه عبدالقادِر جاري آهي۔ هن مهيني جي يارهين تاريخ کي قُطبِ ربّاني، غوثِ صَمداني، قِنديلِ نُوراني، شهبازِ لامڪاني حضرتِ سَيدُنا شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان خاص وڏي نسبت آهي، ان ڪري سڄي دنيا ۾ عاشقانِ غوثُ الاعظم وڏي يارهين شريف وڏي ڌُوم ڌام سان ملهائيندا آهن۔ انهيء مناسبت سان، اسان اڄ جي بيان ۾ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ ٻين ڪجھ اولياءِ ڪرام جي پاڪيزه وصفن جو ذڪر ٻڌنداسين۔

هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته الله پاڪ جا نيڪ ٻانها خوفِ خدا، ڪثرتِ عبادت، اُمت جي اصلاح جو جذبو، امت جي خيرخواهي، آخرت جي فڪر، حُسنِ اَخلاق، زُهد و تقويٰ، عاجزي ۽ انڪساري، اتباعِ شريعت، عفو و درگذر، صبر ۽ شڪر، محبتِ الٰهي، نفس جو محاسبو ۽ مخالفتِ شيطان سميت ڪيئي اوصافِ حميده (يعني نيڪ ۽ ساراھ لائق وصف) جا پيڪر هوندا آهن، برڪت