Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اولياء ڪرام جو خوفِ خدا وارو جذبو مرحبا! اي ڪاش انهن جي صدقي اسان کي به اها عظيم نعمت نصيب ٿي وڃي۔ افسوس! اڄ خوفِ خدا سان خالي مسلمانن جو هڪ تعداد آهي جيڪو دنيا جي مستين ۾ ايترو غرق ٿيو آهي جو نه ئي گناهن کان بچندو نظر اچي پيو ۽ نه ئي ايمان جي تقاضن کي پورو ڪندو نظر پيو اچي۔ هڪ تعداد اهڙو به آهي جيڪو ايمان جي سلامتي جي فڪر کي بظاهر وساريندو نظر اچي رهيو آهي، اهڙن جي لاءِ مقامِ عبرت آهي جو اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته عالم سڳورا رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام فرمائن ٿا: جنهن کي (زندگي ۾) سلبِ ايمان (ايمان کسجي وڃڻ) جو خوف نه هجي، نزع جي وقت ان جو ايمان سلب ٿي (يعني کسجي) وڃڻ جو سخت خطرو آهي۔ انهيء ڪري الله پاڪ اسان کي پنهنجي خوف کان ڊڄڻ ۽ آخري پساھ تائين اسلام تي ثابت قدم رهڻ جو تاڪيد ڪندي سيپاري 4 سُورة آلِ عِمران جي آيت نمبر 102 ۾ ارشاد فرمايو آهي:

یٰۤاَیُّهَا  الَّذِیْنَ  اٰمَنُوا  اتَّقُوا  اللّٰهَ  حَقَّ  تُقٰتِهٖ  وَ  لَا  تَمُوْتُنَّ  اِلَّا  وَ  اَنْتُمْ  مُّسْلِمُوْنَ(۱۰۲) (پ۴،آل عمران:۱۰۲)

ترجَمو ڪنز الايمان: اي ايمان وارؤ!الله کان ڊڄو جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي ۽ اوهان مسلمان ٿي ئي مرو.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جا بزرگ سڳورا الله پاڪ جي خوف مان روئڻ وارا هئا، اسان جا بزرگ سڳورا نيڪ عملن جي ڪثرت جي باوجود به توبه ۽ اِستِغفَار ڪرڻ وارا هئا، اسان جا بزرگ سڳورا فڪرِ آخرت جي لاءِ بي چين رهڻ وارا هئا، اسان جا بزرگ سڳورا قبر ۽ حشر جي خوف سبب ڏڪڻ وارا هئا، جيئن الله پاڪ کان ڊڄڻ جو حق آهي اسان جا بزرگ سڳورا الله پاڪ کان اهڙي طرح ڊڄڻ وارا هئا، اسان جا بزرگ سڳورا الله پاڪ جي خفيه تدبير کان هميشه خوف زده رهڻ وارا هئا ۽ اسان جا بزرگ سڳورا پنهنجي ايمان جي حفاظت جي لاءِ تڙپ رکڻ وارا هئا، بِلا شبه اهي ماڻهو ايمان جا حقيقي معني ۾ قدردان هئا، انهن کي پنهنجي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي