Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

عالم غيرِفاسِق هجي ان جو سلسلو آخر تائين متصل هجي ان جي هٿ تي بيعت جي لاءِ والدين يا مڙس ڪنهن جي به اجازت جي حاجت ناهي۔ (فتاوي رضويه ،۲۶/۵۸۴) ٭ قاصد يا خط ذريعي مُريد ٿي سگھجي ٿو۔ (فتاوي رضويه ،۲۶/۵۸۵) ٭ پير جي قول ۽ فعل تي اعتراض سخت حرام ۽ ٻنهي جھانن جي برڪتن کان محرومي جو سبب آهي۔ (فتاوي رضويه ،۲۶/۵۸۸) ٭ مُريد کي ملڻ وارو فيض بظاهر ڪنهن به بُزُرگ يا صاحب مزار سان ملي پر ان کي پنهنجي مرشِدِ ڪامل جو فيض ئي تصور ڪرڻ گھرجي۔ (آداب مرشد ڪامل ص۹۸) ٭ مُريد کي هر وقت محتاط ۽ بااَدَب رهڻ گھرجي ڇوته ٿوري غفلت ۽ بي احتياطي دين ۽ دنيا جي ڪنهن اهڙي وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگھي ٿو جنهن جي شايد تلافي به نه ٿي سگھي۔ (آداب مرشد ڪامل ص۷۰) ٭ حضرت ذُوالنُّون مِصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن ڪو مُريد اَدَب جو خيال ناهي رکندو ته اهو موٽي اوڏانهن پهچي ويندو آهي جتان کان هليو هو۔ ( الر سالة القشيرية ، باب الادب ، ص ۳۱۹)

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فتاويٰ رضويه جلد21صفحي 603 تي پير جا شرط ڪجھ هي بيان ڪيا آهن: (۱) صحيح العقيده سُنّي هجي۔ (۲) ايترو علم رکندو هجي جو پنهنجي ضرورت وارا مسئلا ڪتابن مان ڪڍي سگھي۔ (۳) فاسقِ مُعلِن نه هجي (هڪ ڀيرو گناھ ڪبيره ڪرڻ وارو يا گناھ صغيره تي اصرار ڪرڻ وارو فاسق هوندو آهي ۽ جيڪڏهن عَلَي الاعلان ڪري ته فاسقِ مُعلِن آهي۔) (۴) ان جو بيعت وارو سلسلو نبي ڪريم،روؤف ورحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تائين متّصل (يعني مليل) هجي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان