Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

صورت ۾ ان کي رحمت قرار ڏنو، ماءُ جي صورت ۾ ان جي قدمن کي جنت جي چائنٺ سان تشبيه ڏني ۽ معاشري ۾ ان کي اهو عزت ۽ مقام ڏنو جنهن جو ان کان پهريان تصور به نه پيو ڪري سگھجي، عبادات ۽ معاملات بلڪ زندگي (Life) ۽ موت جي هر مرحلي ۽ هر موڙ تي مردن وانگر عورتن جا به حق مقرر ٿي ويا، ته پوءِ عورتن کي به مالڪ ٿيڻ جا حق حاصل ٿي ويا، عورتون پنهنجي مهر جي رقم، پنهنجي واپار، پنهنجي جائيدادن جون مالڪ بڻايون ويو ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ اولاد ۽ مڙس جي وراثت جون وارث قرار ڏنيو ويون۔ (جنتي زيور،ص۳۹ تا۴۲ ملخصاًو ملتقطاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ماءُ پيءُ جي حوالي سان اسلامي رهنمائي جا روشن پهلو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ماءُ پيءُ اهي عظيم هستيون آهن جن جو سڀ ڪجھ انهن جو اولاد هوندو آهي، اولاد چاهي ناڪاره هجي، نافرمان هجي، توڙي جو معذور ئي ڇو نه هجي پر اهو والدين جي جگر جو ٽڪر هوندو آهي پر افسوس! والدين معاشري جا اهي مجبور ۽ لاچار افراد آهن جو جيڪي هر دور ۾ ظلم ۽ ستم جي چڪي ۾ بُري طرح سان پيسيل نظر اچن ٿا، والِدَين جي سمورن احسانن کي وساري انهن کي هاڻي پنهنجي لاءِ مَعَاذَالله ڪباب ۾ هڏي جيان خيال ڪيو ويندو آهي، والدين سان نوڪرن کان به بُرو سُلُوڪ ڪيو ويندو آهي، والدين اولاد جي بهتري جي لاءِ ڪا نصيحت ڪن ته انهن کي ڪاوڙ سان ڏٺو ويندو آهي، انهن کي دڙڪا ڏنا ويندا ۽ طعنا ڏنا ويندا آهن ۽ گھران بي دخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن ايستائين جو معاملات هاڻي هن حد تائين پهچي چڪا آهن جو ڪجهه ملڪن ۾ ته گھرن کان بي دخل ڪيل ۽ اولاد جي ستايل والدين جي سار سنڀار جي لاءِ باقاعده هاڻي اولڊ هاؤسز (Old Houses) قائم آهن جتي انهن ويچارڙن جي سڄي زندگي پنهنجي اولاد جي جدائي جي غم، انهن جي ياد ۾ روئيندي رڙندي گذري ويندي آهي۔ ياد رهي! اسلام انهن شين جي سختي سان بُرائي بيان ڪري ٿو ،