Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو! مجرمن جي باري ۾ اسلامي قانونن جي مطابق فيصلو ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ جي معاملي ۾ اسلام ڪا ٻي رايا نٿو رکي، بلڪ هن دين ۾ عدل ۽ انصاف جي سمورن تقاضن کي پورو ڪيو ويندو آهي۔ربِّ ڪريم جو ڪروڙين ڪروڙ احسان آهي جو جنهن اهڙي اُصول پسند ۽ عظيمُ الشَّان دين جي دعوت کي عام ڪرڻ جو عظيم فريضو سرانجام ڏيڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي کي شرف بخشيو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي دينِ اسلام جي خدمت جي جذبي تحت ڪم و بيش 104شُعبا قائم ڪيا آهن، انهن مان هڪ ”مجلس مدرسة المدينه بالغان“ به آهي۔ جنهن جي تحت ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ مدرسة المدينه بالغان جو تعداد تقريباً 13853 (تيرهن هزار اٺ سو ٽيونجاھ) ۽ پڙھڻ وارن جو تعداد تقريباً89043  (اوڻانوي هزار ٽيتاليھ) آهي۔ مدرسة المدينه بالغان جي ذريعي بالغ (وڏي عمر جي) اسلامي ڀائرن کي مختلف هنڌن (مثال طور مسجدن، دفترن، مارڪيٽ، دُڪان وغيره) ۽ مختلف وقتن ۾ درست مخارج جي ادائگي سان گڏ مدني قاعدو ۽ قرآنِ ڪريم في سبيل الله پڙهايو ويندو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مدرسة المدينه بالغان جي ڪم وبيش63 منٽ جي جدول ۾ ڪتاب ”نماز جا احڪام“ مان نماز، غسل، وضو، نمازِ جنازه، سُنّتون سکائڻ، ”مدني درس“ ڏيڻ، ”فرض علوم“ تي مشتمل بيانات ٻڌڻ، ” دُعا“ ياد ڪرائڻ ۽ آخر ۾ مدني انعامات جي رِسالي مان” فڪرِ مدينه“ ڪرڻ ڪرائڻ به شامل آهي۔

اچو! نيت ڪريو ته تعليمِ قرآن حاصل ڪرڻ جي لاءِ مدرسة المدينه بالغان ۾ پاڻ به شرڪت ڪنداسين ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به ان جي ترغيب ڏيارينداسين۔ هٿن کي مٿي ڪري وڏي آواز سان چئو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

معاشي لحاظ کان اسلامي رهنمائي جا روشن پهلو