Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

ماءُ پيءُ جي عزت ۽ ناموس ۽ انهن جي حقن جي بجا آوري جي حوالي سان اسلام ۾ وڏيون واضح هدايتون ڪثرت سان موجود آهن، والدين جي حقن جي بجاآوري ۽ انهن جي عزت ۽ ناموس جي تحفظ جي اسلام جيتري قدر ترغيب ۽ تاڪيد ارشاد فرمائي آهي اها غافلن کي بيدار ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي۔ والدين سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ربِّ ڪريم سيپارو 15، سوره بني اسرائيل، آيت 23 ۽ 24 ۾  ارشاد فرمائي ٿو:

وَ بِالْوَالِدَیْنِ اِحْسَانًاؕ-اِمَّا یَبْلُغَنَّ عِنْدَكَ الْكِبَرَ اَحَدُهُمَاۤ اَوْ كِلٰهُمَا فَلَا تَقُلْ لَّهُمَاۤ اُفٍّ وَّ لَا تَنْهَرْهُمَا وَ قُلْ لَّهُمَا قَوْلًا كَرِیْمًا(۲۳) وَ اخْفِضْ لَهُمَا جَنَاحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحْمَةِ وَ قُلْ رَّبِّ ارْحَمْهُمَا كَمَا رَبَّیٰنِیْ صَغِیْرًاؕ(۲۴)

ترجموڪنزالايمان: ۽ ماءُ پيءُ سان چڱو سلوڪ ڪريو جيڪڏهن تنهنجي سامهون انهن مان هڪڙو يا ٻئي پوڙهائپ کي پهچي وڃن ته انهن کي اُف (هون) نه چئجان ۽ نه انهن کي جهڻڪ ۽ انهن سان ڳالهه تعظيم واري ڳالهاءِ ۽ انهن جي واسطي عاجزي جا پر وڇاءِ، نرم دلي سان عرض ڪر اي منهنجا رب تون انهن ٻنهي تي رحم ڪر جيئن انهن ٻنهي مون کي ننڍپڻ ۾ پاليو. (پ۱۵، اسراء :۲۳۔۲۴)

شَيخُ الحديث حضرت علامه مولانا عبد المُصطَفٰي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه ماءُ پيءُ جا حق بيان ڪندي لکن ٿا: (1) خبردار خبردار هرگز هرگز پنهنجي ڪنهن قول ۽ فعل سان ماءُ پيءُ کي ڪنهن قسم جي ڪا تڪليف نه ڏيو۔ توڙي جو ماءُ پيءُ اولاد تي ڪجھ زيادتي به ڪن پر پوءِ به اولاد تي فرض آهي ته اهو هرگز هرگز ڪڏهن به ۽ ڪنهن به حال ۾ ماءُ پيءُ جي دل نه ڏکائي۔ (2) پنهنجي هر ڳالھ ۽ پنهنجي هر عمل سان ماءُ پيءُ جي تعظيم ۽ تڪريم ڪري ۽ هميشه انهن جي عزت ۽ حرمت جو خيال رکي۔ (3) هر جائز ڪم ۾ ماءُ پيءُ جي حڪمن (Orders) جي فرمانبرداري ڪري۔ (4) جيڪڏهن ماءُ پيءُ کي ڪا به حاجت هجي ته جان ۽ مال سان انهن جي خدمت ڪري۔ (5) جيڪڏهن ماءُ پيءُ پنهنجي ضرورت سبب اولاد جي مال ۽ سامان مان ڪا شيء کڻن ته خبردار خبردار هرگز هرگز برو نه سمجھو۔ نه ناراضگيءَ جواظهار ڪريو بلڪ اهو سمجھو ته