Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اِسلام (Islam) هڪ امن پسند، سچو، پيارو، ڪامل ۽ اڪمل، انتهائي تيزي سان پکڙجندڙ عالمگير مذهب آهي، اسلام اهو واحد مذهب آهي جو جنهن جي مڃيندڙن ۽ چاهيندڙن جو تعداد سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، اسلام پنهنجي لاجواب خوبين جي سبب هميشه هر دور ۾ غالب ئي رهيو، ڪڏهن مغلوب نه ٿيو، نه ٿيندو، اسلام ۾ ديني، دنياوي، اُخروي، اخلاقي، ظاهري، باطني، گھريلو، خانداني، معاشرتي ۽ معاشي بلڪ هر اعتبار سان زندگي جي سڀني شعبن سان وابسته ماڻهن جي لاءِ بهترين اُصول ۽ قاعدا ۽ شاندار هدايتون موجود آهن۔ جيڪي هن حقيقت کي ثابت ڪن ٿا ته ”اسلام زندگي گزارڻ جو مڪمل طريقو آهي“۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  صرف اسلام ئي الله پاڪ جو پسنديده دين آهي، جيئن

سيپاري 6 سورة المائدة جي آيت نمبر 3 ۾ ربِّ ڪريم جو فرمانِ حقيقت بنياد آهي:

اَلْیَوْمَ اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِیْنَكُمْ وَ اَتْمَمْتُ عَلَیْكُمْ نِعْمَتِیْ وَ رَضِیْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِیْنًاؕ- (پ۶،المآئدۃ:۳)

ترجموڪنزالايمان:  اڄ مان توهان جي واسطي توهان جو دِين ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ توهان تي پنهنجِي نعمت پُورِي ڪئِي ۽ توهان جي واسطي اِسلام کي دِين پسند ڪيو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دينِ اسلام عورتن جي حوالي سان کوڙ حق بيان ڪيا آهن ۽ انهن کي معاشري ۾ اهو مقام ۽ مرتبو بخشيو آهي جنهن انسانيت جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو۔ اچو! عورتن جي باري ۾ اسلام جي عطا ڪيل حسين تعليمات جي هڪ روشن مثال ملاحظه ڪريون ٿا ته جيئن اسان کي به هن ڳالھ جو ڪامل يقين حاصل ٿي وڃي ته بِلا شُبه ”اسلام زندگي گزارڻ جو مڪمل طريقو آهي“، جيئن

فاروقِ اعظم جو بهترين جواب