Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

احڪامن جي حوالي سان اسلامي قانون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معاشري کي فتني ۽ فساد ۽ خون ريزي کان بچائڻ جي لاءِ اسلامي نظام جي هڪ خوبي اها به آهي ته اسلامي احڪام برادرين جي لحاظ کان ناهن بدلجندا ۽ نه ئي ڪنهن جي رتبي ۽ مقام جي ڪري انهن ۾ تبديلي ٿيندي آهي بلڪ امير ۽ غريب، سفيد ڪاري، عربي عَجمي سڀني جي لاءِ اسلام جا احڪام برابر (Equal) آهن جنهن جو اندازو هن روايت مان لڳايو، جيئن

حضرت سَيدَتُنا عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْها فرمائن ٿيون: قريش، هڪ مخزومي عورت جي باري ۾ نهايت ئي پريشان هئا جنهن چوري ڪئي هئي، ماڻهن چيائون ته هن جي باري ۾ رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گفتگو ڪير ڪري؟ ڪجهه ماڻهن چيو ته حضرت سَيدُنا اُسامه بن زيد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ جي علاوه اهڙي جُرئت ٻيو ڪير ڪري سگھي ٿو ڇوته هو حضور اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا لاڏلا آهن۔ جڏهن حضرت سَيدُنا اُسامه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ هن باري ۾ حضور انور، شافعِ محشر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گفتگو ڪئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڇا تون الله پاڪ جي حدن جي باري ۾ سفارش ڪري رهيو آهين؟ پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيهي ڪري خطبو ڏنائون ۽ ارشاد فرمايائون: بيشڪ توهان کان پهريان ماڻهو ان ڪري هلاڪ ٿيا هئا ته جڏهن ڪو مالدار چوري ڪندو هو ته ان کي ڇڏي ڏيندا هئا ۽ جڏهن ڪو غريب ماڻهو چوري ڪندو هو ته ان تي حد قائم ڪندا هئا۔ الله پاڪ جو قسم! جيڪڏهن محمد جي نياڻي فاطمه به چوري ڪري ها ته مان ان جو هٿ ڪپي ڇڏيان ها۔

(بخاري، ڪتاب احاديث الانبياء، باب۵۶، ۲/۴۶۸،حديث: ۳۴۷۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلسِ مدرسة المدينه بالغان