Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

قانونن جي مطابق هو ۽ حرص ۽ لالچ جي بدبوءَ کان پاڪ هو۔ اچو! ترغيب خاطر هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌو، جيئن

بُزُرگانِ دِين جي واپار جو اَنداز

هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي باري ۾ منقول آهي ته هو ’’واسط‘‘ نالي هنڌ تي هئا انهن ڪڻڪ سان ڀريل هڪ ڪشتي بصره شهر ڏانهن موڪلي ۽ پنهنجي وڪيل کي لکيائون: جنهن ڏينهن اهو کاڌو بصره پهچي انهيءَ ڏينهن ان کي وڪڻي ڇڏجان ۽ بعد واري ڏينهن تائين دير نه ڪجان۔ اتفاقاً اتي اَگھ (Rate) گھٽ هو ته واپارين ان جي وڪيل کي مشوره ڏنو ته جيڪڏهن اوهان ان کي جمعي جي ڏينهن تائين ڇڏيو ته ان ۾ٻيڻو فائدو ٿيندو۔ پوءِ ان جمعي تائين انتظار ڪيائين ۽ وڪرو نه ڪيائين پوءِ ان ۾ تمام وڌيڪ فائدو ٿيو۔ وڪيل اهو واقعو مالڪ کي لکي موڪليو ته انهن وڪيل کي خط لکيو: اي فلاڻا! اسان پنهنجي دين جي سلامتي سان ٿوري فائدي تي ئي قناعت ڪندا آهيون پر تو ان جي خِلاف ڪيو۔ اسان کي اهو پسند ناهي ته اسان کي ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ فائدو ٿئي پر ان جي بدلي اسان جي دين مان ڪا شيء هلي وڃي (يعني اسان کي ديني ۽ اُخروي نُقصان پهچي) تنهنڪري جڏهن توهان وٽ منهنجو هي خط پهچي ته اهو سمورو مال کڻي بصره جي فقيرن تي صدقو ڪري ڇڏجانء۔ شايد ائين ڪرڻ سان مان ذخيرو ڪرڻ جي گُناھ کان نَجات ماڻي سگھان ۽ نه مون کي (اُخروي) نقصان ٿئي ۽ نه ئي (دُنيوي) فائدو۔ ( احياء العلوم الدين،۲/۹۳)

الله پاڪ اسان کي به انهن نيڪ هستين جي صدقي امت جي خير خواهي جو جذبو نصيب فرمائي. اي ڪاش! الله پاڪ جي راهه ۾ پنهنجو مال اخلاص سان خرچ ڪرڻ جو جذبو ملي وڃي، اچو ملي ڪري بارگاههِ مصطفٰي ۾ استغاثو پيش ڪريون ٿا.

میں سب دولت رہِ حق میں لُٹا دوں                          شہا ایسا مجھے جذبہ عطا ہو