Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”اسلام زندگي گزارڻ جو مڪمل طريقو آهي“ هن بيان ۾ اسان ٻڌنداسين ته اسلام عورتن تي ڪهڙا ڪهڙا احسان ڪيا آهن، هن بابت دورِ فاروقي جو هڪ دلچسپ واقعو به بيان ڪيو ويندو، اسلام والدين جي حوالي سان اسان کي ڪهڙي تعليمات ارشاد فرمائي آهي، هن باري ۾ ڪجھ مدني گل به ٻڌنداسين۔ پاڙيسرين جا حق بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ ان بابت 3 حديث سڳوريون به بيان ڪيون وينديون، حضرت سَيدُنا خواجه غريب نوازرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي پاڙيسرين سان ڪهڙي طرح جو سلوڪ ڪندا هئا، ان جون ڪجھ جھلڪيون به بيان ڪيون وينديون۔ تجارتي معاملات کي درست طريقي سان سرانجام ڏيڻ بابت اسلامي تعليمات ۽ بزرگن جي واپار جون ڪجھ جھلڪيون به بيان ڪيون وينديون۔ الله ڪري ته دِلجمعي سان اسان اوّل تان آخر سٺين سٺين نيتن سان بيان ٻُڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔