Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

بيان ڪيل حديث سڳورين ۾ انهن نادانن جي لاءِ عبرت جا مدني گل موجود آهن جيڪي پنهنجي سُڪون خاطر پنهنجي ئي پاڙيسرين جي ڪم اچڻ بدران منهن موڙي، گاڏي بيهاري، گندو پاڻي ڇڏي ، کڏ کوٽي، چبوترو وڌائي، قناتون لڳائي يا ٻين طريقن سان انهن کي تڪليف ڏيڻ ۾ ڪا شرمندگي (Shame) يا حرج محسوس نٿا ڪن، يقيناً انهن جو اهو رويو اسلامي تعليمات جي خلاف آهي ڇاڪاڻ ته اسلام ته پاڙيسرين جي حقن جو سڀ کان وڏو علمبردار آهي ۽ اسان کي اها ئي تعليم ارشاد فرمائي ٿو ته پنهنجي پاڙيسري جي لاءِ اهو ئي پسند ڪريو جيڪو توهان پنهنجي لاءِ پسند ڪريو ٿا جيئن

نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي: ان ذاتِ پاڪ جو قسم جنهن جي قَبضه قدرت ۾ منهنجي جان آهي! ٻانهو ان وقت تائين مؤمن نٿو ٿي سگھي جيستائين پنهنجي پاڙيسري يا ڀاءُ جي لاءِ اهو ئي پسند نه ڪري جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو۔

 (مسلم ،ڪتاب الاِيمان ، باب الدليل علي ان من خصال الايمان…الخ،حديث: ۴۵،ص۴۷)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهمْ اَجْمَعِين جون مبارڪ زندگيون اسلامي طور طريقي سان سينگاريل هيون، اهو ئي سبب آهي ته اهي حضرات پنهنجي پاڙيسرين جي خير خبر لهڻ ۾ هميشه اڳڀرا رهندا هئا۔ اچو! ترغيب لاءِ هڪ ايمان افروز حڪايت ملاحظه ڪريو جيئن

خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه ۽ پاڙيسرين جا حق

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”بہتر کون؟“ جي صفحي نمبر 62 تي آهي ته حضرت سَيدُنا خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه پنهنجي پاڙيسرين جو گھڻو خيال رکندا هئا، انهن جي خبر چار لهندا هئا، جيڪڏهن ڪنهن پاڙي واري جو انتقال ٿي وڃي ته ان جي جنازي سان گڏ ويندا هئا ان جي تدفين کان پوءِ جڏهن ماڻهو واپس موٽندا هئا ته پاڻ اڪيلا ان جي قبر وٽ ان جي لاءِ بخشيش ۽ نجات جي دعا ڪندا هئا ۽ ان جي گھروارن کي صبر جي تلقين ڪندا هئا ۽ انهن کي تسلّي ڏيندا هئا۔ (بهتر کون،ص۶۲)