Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا                                   جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

منڊي پائڻ جون سُنّتون ۽ آداب

    اچو!شَيخِ طَرِيقت، اَمِيرِاَهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رِسالي ”163 مَدَني گُل“ مان منڊي پائڻ جون ڪجھ سُنّتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔ ٭ مرد کي سون جي منڊي پائڻ حرام آهي ـ سروَرِ ذيشان، رحمتِ عالمِيان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سون جي منڊي پائڻ کان منع فرمايو آهي ۔ (بخاري،۴ /۶۷ ، حديث: ۶۳ ۸ ۵) ٭ (نابالغ) ڇوڪر کي سون جا زيور پارائڻ حرام آهي ۽ جنهن پارايا اهو گنهگار ٿيندو۔ (بهارِ شريعت،۳/۴۲۸،دُرِّمُختارو رَدُّالْمُحتار،۹/۵۹۸)،٭ لوهه جي منڊي جهنّمين جو زيور آهي۔ (ترمذي، ۳/ ۳۰۵،حديث:۱۷۹۲) ٭ مرد جي لاءِ اها منڊي جائز آهي جيڪا مردن جي منڊي وانگر هجي يعني هڪ نگيني جي هجي ۽ جيڪڏهن ان ۾ (هڪ کان وڌيڪ يا) گھڻا نگينا هجن ته پوءِ کڻي چاندي جي هجي مَردن لاءِ ناجائز آهي (رَدُّالْمُحتار،۹/۵۹۷)٭ بغير نگيني واري منڊي پائڻ ناجائز آهي جو هي منڊي ناهي، ڇلو آهي ٭ جيڪڏهن ڪنهن اسلامي ڀاءُ ڌاتو(سون چاندي لوهه ٽامو وغيره) جو ڪڙو يا ڌاتو جو ڇلو، ناجائز منڊي يا ڌاتو جي زنجير (Chain) پائي رکي آهي ته هينئر جو هينئر لاهي ڪري توبهه ڪريو ۽ آئنده نه پائڻ جو عهد به ڪيو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.