Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

ڪڏهن رنجش ٿي وڃي ته پاڻ وڌي وڏي ڀاءُ کان معافي گھرون ۽ انهن کي راضي ڪرڻ جي لاءِ جيتري قدر ممڪن ٿئي ڪوشش ڪيون۔

وڏي ڀاءُ سان سٺو سلوڪ ڪيو

حضرت سَيدُنا جَرِير بن حازِم رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا ته مون هڪ ڀيري خواب ڏٺو ته منهنجو مٿو منهنجي هٿن ۾ آهي، ان جي تعبير ڄاڻڻ جي لاءِ مون پنهنجو هي خواب حضرت امام اِبْنِ سيرين رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه کي ٻڌايو (جيڪي خوابن جو تعبير ٻڌائڻ ۾ ڪافي مهارت رکندا هئا) اُنهن مون کان پڇيو ته توهان جي والدين مان ڪو زنده آهي؟ مون چيو: جي نه، ته اُنهن ارشاد فرمايو: توهان جو ڪو وڏو ڀاءُ آهي ؟ مون چيو: جي ها، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه جن ارشاد فرمايو: الله عَزَّوَجَلَّ کان ڊڄندا رهو، ان سان سٺو ورتاؤ ڪريو ۽ ان سان تعلق ٽوڙڻ کان پاسو ڪيو. (شعب الايمان،باب في برالوالدين، فصل في صلۃ الرحم، ۶/۲۱۰، رقم: ۷۹۲۸)

بڑے بھائی بہن کا میں کہا مانا کروں ہردم                                                                                 کروں ماں باپ کی دن رات خدمت  یا رسولَ اللہ

ننڍن تي شفقت

ياد رکو! اسلام جتي ننڍن کي وڏي ڀاءُ جو ادب ڪرڻ جو درس ڏنو آهي، اتي وڏن کي به حڪم ڏنو ته اهي به ننڍن ڀيڻ ڀائرن سان شَفقَت ۽ مَحَبَّت ڀريو ورتاءُ ڪن۔ اچو! ترغيب لاءِ 2 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو، جيئن

(1)  ارشاد فرمايائون: جنهن جون 3 نياڻيون يا 3 ڀينرون هجن يا 2 نياڻيون يا 2 ڀينرون هجن ۽ اهو انهن سان سٺو سُلوڪ ڪري ۽ انهن جي معاملي ۾

الله پاڪ سان ڊڄي ته ان جي لاءِ جنت آهي۔ (ترمذي، ڪتاب البر والصلۃ، باب ما جاء في النفقۃ علي …الخ، ۳/۳۶۷،حديث: ۱۹۲۳)

(2) ارشاد فرمايائون: جيڪو اسان جي ننڍن تي رحم نه ڪري، اسان جي وڏن جي عزّت نه ڪري ۽اسان جو حق نه سڃاڻي، اهو اسان مان ناهي۔ (معجم ڪبير،سعيد بن جبير عن ابن عباس،۱۱/ ۳۵۵، حديث:۱۲۲۷۶)

بڑے جتنے بھی ہیں گھر میں اَدب کرتا رہوں سب کا

کروں چھوٹے بہن بھائی پہ شفقت یَارَسُوْلَ اللہ