Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

ايندڙ هفته واراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!آئنده هفته وار اِجتماع ۾ اسان ”تبرڪن جي برڪتن“ جي باري ۾ ٻڌينداسين. جنهن ۾ اسان تبرڪن ۽ ان جي ثبوت ۾ ٻه قرآني واقعا ٻڌنداسين، صحابه ڪرم عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ نبي اڪرم، رسولِ محتشم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مقدس تبرڪن جي ڪهڙي تعظيم ڪندا هئا، هن تعلق سان به ڪجهه واقعا بيان ڪيا ويندا. تبرڪن جي تعظيم جي فائدن ۽ تبرڪن جي بي ادبي جي نقصانن کي به بيان ڪيو ويندو. ان کان علاوه مدني تربيت جي مدني گلن جي مدني مهڪ سان دل ۽ دماغ کي به معطرڪنداسين. الله ڪري ته اسان سڄو بيان توجهه سان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪري سگهون. 

 تنهنڪري آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ انفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

﴿1جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ

 بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن. ([1])

 



[1]افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ السادسۃ والخمسون، ص151ملخصًا