Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

معاشرتي لحاظ کان اسلامي رهنمائي جا روشن پهلو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معاشري ۾ رهڻ وارن مان انسان جو سڀ کان وڌيڪ جن سان واسطو پوندو آهي اهي ان جا پاڙيسري (Neighbours) آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسلام جو انسانيت تي اهو تمام وڏو فضل ۽ احسان آهي جو ان پاڙيسرين سان به سٺو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم فرمائي پنهنجي مڃڻ وارن کي هڪ ٻي جي عزت ۽ ناموس جو محافظ بڻائي ڇڏيو۔ اچو! فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روشني ۾ اسان ٻڌون ٿا ته اسلام پاڙيسرين جي باري ۾ اسان جي ڪهڙي رهنمائي فرمائي آهي ۽ اسان تي انهن جي حقن جي بجاآوري ڪيتري قدر لازم ۽ ضروري آهي جيئن

ارشاد فرمايائون: ڇا توهان کي معلوم آهي ته پاڙيسريءَ جو ڪهڙو حق آهي؟ هي ته جڏهن اهو توهان کان مدد گھري ان جي مدد ڪريو،  جڏهن قرض گھري ان کي قرض ڏيو، جڏهن مُحتاج ٿئي ته ان کي ڏيو، جڏهن بيمار ٿئي ان جي عيادت ڪريو، جڏهن ان کي خير پهچي ته مبارڪ باد ڏيو ۽ جڏهن مُصيبت پهچي ته تعزيت ڪريو ۽ مري وڃي ته ان جي جنازي سان گڏ وڃو،  بغير ان جي اجازت جي پنهنجي عمارت بُلند نه ڪريو جو ان جي هوا روڪي ڇڏيو،  پنهنجي ديڳڙي سان ان کي تڪليف نه ڏيو پراهو ته ان مان ڪجھ ان کي به ڏيو ۽ ميوا خريد ڪيو ته انهن کي به هديو ڪريو ۽ جيڪڏهن هديو نه ڪرڻو هجي ته لڪائي گھر آڻيو ۽ توهان جا ٻار ان کي کڻي ٻاهر نه نڪرن جو پاڙيسري جي ٻارن کي ايذاء ٿيندو۔ (شعب الايمان،باب في اڪرام الجار،۷/۸۳،حديث: ۹۵۶۰ )

ارشاد فرمايائون: الله پاڪ جو قسم! اهو (ڪامل) مومن نه ٿيندو، الله پاڪ جو قسم! اهو (ڪامل) مومن نه ٿيندو، الله پاڪ جو قسم! اهو (ڪامل) مومن نه ٿيندو۔ عرض ڪيو ويو ڪير؟ يارسولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ!ارشاد فرمايائون: اهو شخص جنهن جو پاڙيسري ان جي شرارتن کان بي خوف نه هجي۔ (بخاري، ڪتاب الادب،باب اثم من لايامن جاره بوائقه ، ۴/ ۱۰۴، حديث: ۶۰۱۶)