Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

جا فضائل ٻڌي 25 غير مسلم قيدي دولتِ اسلام سان مشرف ٿيا. (25کرسچن قیدیوں اور پادری کا قبول اسلام،ص2،3ملخصاً) U.K (انگلنڊ) جي هڪ اسلامي ڀاءُ هڪ غير مسلم تي انفرادي ڪوشس ڪندي ان کي مڪتبة المدينه کان جاري ڪيل V.C.D بنام”بين الاقوامي اجتماع ۽ اجتماعي اعتڪاف“ تحفي ۾ ڏني، ان غير مسلم جڏهن اها وي، سي، ڊي ڏٺي ته بين الاقوامي اجتماع ۽ اجتماعي اعتڪاف جي منظر ۽ ديدارِ امير اهلسنت جي برڪت سان اهو ايتري قدر متاثر ٿيو جو اهو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو. (کرسچن مسلمان ہوگیا،ص۸،۷ملخصاً) هند جو هڪ اسلامي ڀاءُ جيڪو پهريان ڪفر جي وادين ۾ ڀٽڪي رهيو هو، هڪ ڏينهن ڪنهن ان کي امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو ”احترامِ مسلم“ تحفي ۾ ڏنو ان پڙهيو ته اسلام جي محبت ان جي دل ۾ گهر ڪري وئي، پوءِ ڪجهه ڏينهن کان بعد مدني قافلي وارن عاشقانِ رسول به ان تي انفرادي ڪوشش ڪندي انهن کي اسلام جي دعوت ڏني. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”احترامِ مسلم“ جي مطالعي ۽ عاشقانِ رسول جي انفرادي ڪوشش جي برڪت سان اهو به ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو. (تعارفِ اميراهلسنت،ص 25، 24 ملخصًا) باب الاسلام (سنڌ) جي شهر نواب شاهه سانگهڙ روڊ جو مقيم اسلامي ڀاءُ پهريان قادياني مذهب سان تعلق رکندو هو، ان جا ڪجهه دوست جيڪي دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ۽ سنتن جا پيڪر هئا، اهي اسلامي ڀائر ان تي انفرادي ڪوشش ڪندا رهندا هئا آخرڪار هو هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ اچي ويو، مبلغِ دعوت اسلامي جو بيان، ذڪرالله ۽ درودِ پاڪ جي صدائن ان کي ايتري قدر متاثر ڪيو جو اهو هڪ مبلغِ دعوت اسلامي جي ذريعي قادياني مذهب کان توبهه ڪري اسلام جي دامنِ ڪرم سان وابسته ٿي ويو، ان گهروارن تي انفرادي ڪوشس ڪئي ته  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جي انفرادي ڪوشش سان گهر جا 13، ڦُڦي جي گهر جا 17 ۽ سوٽ جي گهر جا 12 ڀاتي به قادياني مذهب کان توبهه ڪري مسلمان ٿي ويا. (ہیروئنچی کی توبہ،ص۲۴،۲۵)