Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

رشتيدارن جي حوالي سان اسلامي قانون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح گھريلو رشتن جي حوالي سان دينِ اسلام اسان جي تربيت ۽ رهنمائي ڪري ٿو ۽ هڪٻئي جي حقن جي رعايت ڪرڻ جو درس ڏيئي ٿو اهڙي طرح رشتيدارن جي حوالي سان به هن مذهب ۾ اسان جي لاءِ رهنما اُصول ۽ قانون موجود آهن۔

رشتيدارن سان حُسنِ سلوڪ جي حوالي سان اسلام اسان کي ڪهڙو حڪم فرمائي ٿو ۽ اسان کي انهن سان ڪهڙي طرح جو رويو (Behaviour) رکڻ گھرجي۔ اچو! ٻڌو ۽ رشتيدارن سان سٺو سُلوڪ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريو جيئن

سيپارو 4 سورة النسآء جي پهرين آيت سڳوري ۾ ارشادِ رحمٰن آهي:

وَ  اتَّقُوا  اللّٰهَ  الَّذِیْ  تَسَآءَلُوْنَ  بِهٖ  وَ  الْاَرْحَامَؕ-اِنَّ  اللّٰهَ  كَانَ  عَلَیْكُمْ  رَقِیْبًا(۱) (پارہ:۴، النساء:۱) ترجموڪنزالايمان: ۽ الله کان ڊڄو جنهن جي نالي سوال ڪندا آهيو ۽ رشتن جو لحاظ رکو۔ بيشڪ الله توهان کي هر وقت ڏِسِي رهيو آهي.

تفسيرِ نعيمي ۾ هن آيت سڳوري جي تحت لکيل آهي: مُسَلمانن تي جيئن نماز، روزو، حج، زڪوٰۃ وغيره ضروري آهي، ائين ئي پنهنجي قَرابت دارن جا حق اَدا ڪرڻ به نهايت ضروري آهن۔ وڌيڪ اِرشاد فرمائن ٿا: پنهنجي عزيزن، قريبن سان سٺو سُلُوڪ نهايت ئي مُفيد آهي، دُنيا ۾ به، آخرت ۾ به، ان سان زِندگي، موت، آخرت سڀ سنڀلجي ويندي آهي۔ (تفسيرِ نعيمي ،۴/۴۵۶-۴۵۵ ملتقطاً)

ياد رکو: ڏاڏو، ڏاڏي، نانو، ناني، چاچو، ڦُڦيء،مامو، ماسي وغيره جا حق به آهن۔ شَيخُ الحديث حضرتِ علّامه مَولانا عبدُالمصطفٰي اَعظميرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: رشتن کي ٽوڙڻ حرام ۽ جهنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي،لهٰذا هر مُسَلمان کي هميشه هن جو خيال رکڻ گھرجي ته ڪنهن رشتيدار سان تَعَلُّق نه ٽوڙي بلڪه هميشه هن ڪوشش ۾ لڳل رهي ته رشتيدارن سان تَعَلُّق