Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

(Relation) قائم رهي ۽ ڪڏهن به رشتو نه ٽُٽي۔ ڪجهه ماڻهو اهو چوندا آهن ته جيڪو رشتيدار اسان سان تَعَلُّق رکندو، اسان به ان سان تَعَلُّق رکنداسين ۽ جيڪو اسان کان تعلق ٽوڙيندو، اسان به ان سان تعلق ٽوڙينداسين، اهو چوڻ ۽ اهو طريقو به اِسلام جي خِلاف آهي۔ (مزيد فرمائن ٿا:) رشتيدارن سان تَعَلُّق ٽوڙڻ جي هڪ ئي صُورت جائز آهي ۽ اها هي ته شريعت جي مُعامَلي ۾ تَعَلُّق ٽوڙيو وڃي، مثال طور ڪو رشتيدار توڙي جو ڪيترو ئي قريبي رشتيدار ڇو نه هجي، جيڪڏهن اهو مُرتَد (يعني اسلام کان ڦري وڃي) يا گمراه ۽ بددِين ٿي وڃي ته پوءِ ان سان تَعَلُّق ٽوڙڻ واجب آهي يا ڪوئي رشتيدار ڪنهن گُناھ ڪبيره ۾ گرِفتار آهي ۽ منع ڪرڻ تي به مُڙي نٿو بلڪه پنهنجي ڪبيره گُناھ تي ضِد ڪري اڙيل آهي ته ان سان به قطعِ تَعَلُّق ڪرڻ ضروري آهي، ڇوته اُن سان تَعَلُّق رکڻ ۽ تَعاوُن ڪرڻ ڄڻ ته ان جي ڪبيره گُناھ ۾ شرڪت ڪرڻ آهي ۽ اهو هر گز هرگز جائز ناهي۔ (بهشت کي کنجياں، ص۱۹۷ ملتقطاً وملخصاً) پر جيڪڏهن اهو ان جي گناھ ۾ ڪنهن نموني جي مدد نٿو ڪري ۽ ان جي گناھ جي ڪري ان ۾ گناهن جي نحوست پيدا ٿيڻ جو انديشو نه هجي ته پوءِ قطعِ تعلقي ڪرڻ واجب نه آهي ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته نيڪي جي دعوت ضرور ڏيندو رهي ته جيئن هو گناهن کان پري رهي۔ ياد رهي!شريعتِ مطهره سڀني جا حق بيان ڪيا آهن پر شريعت جي دائري جي مطابق، والدين هجن يا رشتيدار، ڀيڻ ڀاءُ هجن يا پاڙيسري هر صورت حقن جي پاسداري انهيءِ صورت ۾ آهي جڏهن اهي شريعت جي عين مطابق هجن، جيڪڏهن والدين يا رشتيدار يا دوست احباب خلافِ شريعت ڪم جو حڪم ڏين ته پوءِ ڪنهن جي اطاعت نه ڪئي ويندي ۽ نه رشتو نڀايو ويندو بلڪ الله پاڪ ۽ رسولِ ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اطاعت ڪئي ويندي ڇوته الله پاڪ جي نافرماني وارن ڪمن ۾ مخلوق مان ڪنهن جي اطاعت نه ڪئي ويندي۔ اهو مدني گل اسان کي هر هنڌ پيش نظر رکڻ گھرجي ۽ هر جاءِ تي ان تي عمل پيرا رهڻ ضروري آهي۔