Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

مدني انعامات مان هڪ مدني انعام ”گهر درس“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو! اسلام نه صرف اسان کي رشتيدارن سان تعلقات مضبوط بڻائڻ جو درس ڏيئي ٿو بلڪه بلاوجه شرعي رشتو ٽوڙڻ کان به سختي سان منع ڪري ٿو۔ يقيناً اسان کي اسلام سان محبت آهي ۽ اها محبت اسان کان تقاضا ڪري ٿي ته اسان بغير شرعي سبب جي رشتو ٽوڙڻ کان بچون ۽ رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ کي پنهنجو معمول بڻايون۔ رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جي مدني سوچ حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو مدني انعامات تي عمل ڪندي ”گهر درس“ ڏيڻ يا ٻڌڻ به آهي. تنهنڪري پنهنجي گهر ۾ مدني ماحول بڻائڻ جي لاءِ روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو درسِ فيضانِ سنت ڏيڻ يا ٻڌڻ جي ترڪيب فرمايو، اميرِاهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي تخريج ڪيل ڪجهه ڪتابن ۽ رسالن کان سواءِ ٻين مان درس ڏئي سگهجي ٿو.

  اچو ترغيب جي لاءِ گهر درس جي هڪ مدني بهار ٻڌو. جيئن

گهر درس جي مدني بهار

هند جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو پورو گهر بدمذهبن سان تعلق جي سبب بد عملي سان گڏو گڏ بدعقيدگي ڏانهن وڃي رهيو هو، هڪ ڏينهن اهي سڀئي گهروارا ملي ڪري فلمون ڊراما ڏسڻ ۾ مشغول هئا ته انهن جو سترنهن سالن جو ننڍو ڀاءُ جيڪو دعوت اسلامي جي سنتن ڀري اجتماع ۾ اچڻ وڃڻ لڳو هو، اهو ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي ڪا شيء الماڙي مان ڪڍي انهيء انداز ۾ واپس موٽيو. ان جي اها عجيب و غريب حرڪت ڏسي ان جو وڏو ڀاءُ غصي ۾ زور سان چوڻ لڳو، ڇا تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي جو اڄ هي عجيب ٻارن واري حرڪت ڪري رهيون آهين! ننڍو ڀاءُ جواب ڏيندي بغير ٻي ڪمري ۾ هليو ويو. ان جي والده سڀني کي ٻڌائڻ لڳي ته ان مون کي ٻڌايو هو ته مون قسم کنيو آهي ته آئنده فلمون ڊراما نه ڏسندس! ان اسلامي ڀاءُ غصّي جي سبب ننڍي ڀاءُ سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. ننڍي ڀاءُ گهر ۾ سڀني کي گڏ