Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

الله ڪريم اسان کي والدين جو ادب ۽ احترام بجا آڻڻ ۽ انهن جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪندو رهڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

وڏي ڀاءُ جي حوالي سان اسلامي تعليمات

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! والدين کان پوءِ ڀيڻ ڀاءُ جو پاڻ ۾ رشتو (Relation) نهايت قريبي شمار ڪيو ويندو آهي، ان ڪري والدين جي مرڻ کان بعد عام طور انهن جي وچ ۾ تعلُّقات خراب ٿيڻ جو انديشو رهندو آهي ته پوءِ ڀيڻ ڀاءُ جي وچ ۾ ناراضگين جو دروازو بند ڪرڻ جي لاءِ والدين کان پوءِ گھر جي ڀاتين مان جنهن شخصيت جي مقام ۽ مرتبي کي اسلام شان ۽ شوڪت سان نوازيو ۽ جنهن جي ادب ۽ احترام جو درس ڏنو آهي اهو آهي وڏو ڀاءُ۔ وڏي ڀاءُ جي اَهميت کي اُجاگر ڪندي نبي رحمت، تاجدارِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: حَقُّ كَبِيْرِ الْاِخْوَةِ عَلٰى صَغِيْرِهِمْ حَقُّ الْوَالِدِ عَلٰى وَلَدِهٖ يعني وڏي ڀاءُ جو حق پنهنجي ننڍن ڀيڻ ڀائرن تي اهڙو آهي جيئن ته پيءُ جو حق پنهنجي پٽ تي۔

(شعب الايمان،باب في برالوالدين، فصل في صلۃ الرحم، ۶/۲۱۰، حديث: ۷۹۲۹)

ياد رکو! وڏي ڀاءُ جي دل ۾ ننڍن ڀيڻ ڀائرن جي لاءِ والد جهڙي شفقت ۽ مَحَبَّت رکي وئي آهي۔ وڏو ڀاءُ والد جي موجُودگي ۾ ننڍن جو خيال رکندو آهي، انهن جي ضرورتن کي پُورو ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن والد جو شفقت ڀريو سايو کڄي وڃي ته بعد ۾ به پنهنجون ذِمّيداريون چڱي طريقي سان نڀائيندو آهي، وڏي ڀاء جا ايترا احسان هن ڳالھ جي تقاضا ڪن ٿا ته اسان به انهن جو ادب ڪيون، والِدَين جي غيرمَوجُودگي ۾ انهن کي پنهنجي والدين جو مرتبو ڏيون، نه ته انهن کي پنهنجو سرپرست سمجھون، انهن جي غيبت، چُغلي ۽ انهن جي باري ۾ بدگمانين کان بچون۔ حتّي الامڪان انهن جي جائز خواهشن ۽ اَحڪامن جي تڪميل ڪيون، هميشه انهن سان سٺا تعلُّقات قائم رکون ۽ جيڪڏهن