Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

مان ۽ منهنجو مال سڀ ماءُ پيءُ ئي جو آهي حديث شريف ۾ آهي ته ڪائنات جي سردار  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ شخص کي اهو فرمايائون ته اَنْتَ وَ مَالُک لِاَبِيک يعني تون ۽ تنهنجو مال سڀ تنهنجي پيء جو آهي۔ (ابن ماجه،ڪتاب التجارات،باب ماللرجل من مال ولده ،۳/۸۱، حديث: ۲۲۹۲) (6) ماءُ پيءُ جو انتقال ٿي وڃي ته اولاد تي ماءُ پيءُ جو اهو حق آهي ته انهن جي لاءِ بخشش جون دعائون ڪندا رهو ۽ پنهنجي نفلي عبادتن ۽ خيرات جو ثواب انهن جي روحن کي پهچائيندا رهو کاڌن ۽ مٺائي وغيره تي فاتحه ڏياري انهن جي روحن کي ايصالِ ثواب ڪندا رهو۔ (7) ماءُ جي سهيلن ۽ پيءُ جي دوستن ۽ انهن جي ملڻ وارن سان احسان ۽ سٺو ورتاؤ ڪندا رهو۔ (8) ماءُ پيءُ جي ذمي جيڪو قرض هجي ان کي ادا ڪريو يا جن ڪمن جي اهي وصيت ڪري ويا هجن، انهن جي وصيتن تي عمل ڪريو۔ (9) جن ڪمن کان زندگي ۾ ماءُ پيءُ کي تڪليف ٿيندي هئي انهن جي وفات کان پوءِ به انهن ڪمن کي نه ڪيو ڇوته ان سان انهن جي روحن کي تڪليف پهچندي۔ (10) ڪڏهن ڪڏهن ماءُ پيءُ جي قبرن جي زيارت جي لاءِ به ويندا ڪريو۔ انهن جي مزارن(قبرن) تي فاتحه پڙھو۔ سلام ڪريو ۽ انهن جي لاءِ بخشش جي دعا ڪريو ان سان ماءُ پيءُ جي روحن کي خوشي ٿيندي ۽ فاتحه جو ثواب ملائڪ نور جي ٿالين ۾ رکي انهن جي اڳيان پيش ڪندا ۽ ماءُ پيءُ خوش ٿي پنهنجي پٽن نياڻين کي دعائون ڏيندا۔ (جنتي زيور،ص۹۲تا۹۴ملخصاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! اسلام ڪيترو پيارو دين آهي جو جنهن حقيقي معنيٰ ۾ ماءُ پيءُ جي حقن جي حوالي سان ماڻهن ۾ عقل ۽ شعور بيدار ڪيو، جيڪڏهن اسلام جي جلوه گري نه ٿئي ها ته هن عظيم الشان طريقي سان انهن جي حقن جي تحفظ جي پاسداري جو سبق ڪير سيکاري ها؟۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به اسلامي تعليمات کي عملي طور تي اپنائيندي ماءُ پيءُ جي قدر ڪريون، انهن جا حق ادا ڪريون، انهن جي ناراضگيءَ وارن ڪمن کان بچون ۽ انهن جي خدمت کي دنيا ۽ آخرت جي سعادت سمجهون۔