Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

ڪري فيضانِ سنت جو درس ڏيڻ شروع ڪري ڏنو. پر وڏو ڀاءُ ان درس ۾ نه ويهندو هو، هڪ ڏينهن اهو به ويجهو ٿي ويهي رهيو ته ٻڌان ته سهي هي درس ۾ ڇا ٿو ٻڌائي، ان درس ٻڌو ته تمام سٺو لڳو، تنهنڪري اهو به روزانو درس ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو. آهستي آهستي ان جي دل جي ڪاراڻ لهندي وئي، ايستائين جو اهي به دعوت اسلامي جي هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ حاضري ڏيڻ لڳا. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ درس جي برڪت سان بدمذهبن جي صحبت کان انهن جي جان ڇُٽي وئي ۽ چهري تي ڏاڙهي به سجائي ورتي. پهريان اهي بدعقيده مقررن جون بد عقيده ڪيسٽون شوق سان ٻڌندا هئا پرهاڻي ان جي بدران مڪتب المدينه جي طرفان جاري ٿيندڙ سنتن ڀريا بيان ٻڌندا آهن۔

عطائے حبیبِ خدا مَدَنی ماحول                                           ہے فَیضانِ غَوث و رضا مَدَنی ماحول

سنور جائیگی آخِرت اِنْ شَآءَ اللہ                                       تم اپنائے رکھو سدا مَدَنی ماحول

سلامت رہے یا خدا مَدَنی ماحول                                          بچے نظرِبد سے سدا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اسلام جون بهارون

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!جيئن جيئن زمانو گزرندو پيو وڃي اسلام جي شان ۽ عظمت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو پيو وڃي، اڄ به اسلام، واٽ کان ڀٽڪندڙ ۽ ڪفر جي اونداهين ۾ ڀٽڪيل ماڻهن کي ڪفر جي گند مان ڪڍي انهن کي پنهنجي دامنِ ڪرم ۾ وٺي رهيو آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جي مدني ماحول، عاشقانِ رسول جي صحبت ۽ انفرادي ڪوشش ۽ اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ جي برڪت سان به ڪيترائي غير مسلم ڪفر کان توبهه ڪري اسلام ۾ داخل ٿي رهيا آهن. اچو ان ضمن ۾ ڪجهه ايمان افروز جهلڪيون ملاحظه ڪيو، جيئن برّ اعظم افريقه جي هڪ ملڪ زمبيا جي دارالخلافه لساڪا (Lusaka) جي ڪموالا (kamwal) جيل ۾ 2004 ۾ درسِ فيضانِ سنت ۾ بيان ڪيل درود پاڪ