Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان! اسان جي بزرگن جي واپار جو انداز ۽ طرزِ معيشت ڪيتري قدر نرالو هو۔ بيشڪ اسلامي تاريخ جا ورق اهڙن باڪردار ماڻهن جي واقعن سان ڀريل آهن جيڪي نه صرف پنهنجي ذاتي مُعاملات بلڪه واپاري مصروفيات ۾ به ايثار ۽ ڀلائي ۽ مسلمانن جي خير خواهي کي اپنائيندي اسلام جي مَعاشي اصولن تي مظبوط ٿي رهيا، شايد اهو ئي سبب آهي جو انهن جي دور جي مَعاشي خوشحالي پنهنجو مثال پاڻ هئي، بهرحال جيڪڏهن واپاري ماڻهو لالچ جي چڪرن کان نڪري شريعت جي مقرر ڪيل اُصولن ۽ قانونن جو پاڻ کي پابند بڻائين ۽ هنر ۽ و پار جي مُعاملي ۾ الله وارن جي پيروي ڪن ته مُعاشري ۾ هڪ شاندار خوشحالي آڻي سگھي ٿي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني چينل تي ”احڪامِ تجارت“ جي نالي سان هڪ معلوماتي سلسلو به نشر ڪيو ويندو آهي۔ جنهن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عاشقانِ رسول جي مدني تربيت جي لاءِ مختلف شرعي احڪامن تي مشتمل علمِ دين سان مالا مال جواب ڏنا ويندا آهن، واپاري اسلامي ڀائرن جي لاءِ هي سلسلو تمام وڏي نعمت آهي جو گهر ۾ دڪان ۾/ دفتر ۾ ويٺي ويٺي واپار سان متعلق ڪيئي مسئلن جي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن سلسلي جي برڪت سان علمِ دين حاصل ٿيڻ سان گڏو گڏ پنهنجي ڪارو بار ۾ ٿيندڙ شرعي غلطيون به دور ٿينديون، علمِ دين سکڻ جي برڪت سان ڪاروبار ۾ به برڪت ٿيندي. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)