Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واپار هڪ مقدَّس پيشو آهي ۽ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جي پياري پياري سُنّت به آهي، جنهن ۾ کوڙ ساريون برڪتون رکيون ويون آهن۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ واپاري معاملن کي درست طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ اسلام ۾ اسان جي لاءِ واضح احڪام موجود آهن تنهنڪري جيڪڏهن واپار سان وابسته ماڻهو هنن احڪامن کي سکي انهن جي روشني ۾ واپار جو فريضو ادا ڪن ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهن کي دنيا ۽ آخرت جون تمام گھڻيون ڀلائيون ۽ برڪتون نصيب ٿينديون۔ اچو! هن باري ۾ ٻه فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو، جيئن

(1) ارشاد فرمايائون: بيشڪ گناهن مان ڪجھ گناھ اهڙا آهن جن کي رزق جي طلب جو ارادو ئي مٽائي سگھي ٿو۔ (معجم اوسط،من اسمه احمد،حديث۱۰۲،۱/۴۲ملتقطاً)

(2) ارشاد فرمايائون: سچو امانت دار واپاري (بروزِ قيامت) انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام، صديقن ۽ شهيدن رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهمْ اَجْمَعِين سان گڏ هوندو۔ (ترمذي،ڪتاب البيوع،باب ماجاء في التجار …الخ،۳/۵،حديث: ۱۲۱۳) حڪيم الاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه بيان ڪيل ٻي حديثِ پاڪ جي شرح ڪندي فرمائن ٿا: هن مان معلوم ٿيو ته ٻين پيشن کان واپار اعليٰ پيشو آهي، پوءِ واپار ۾ اناج جو، پوءِ ڪپڙي جو، پوءِ عطر جو واپار افضل آهي۔ ضرورياتِ زندگي ۽ ضرورياتِ ديني جو واپار ٻين واپارن کان بهتر ۽ سچو واپاري مسلمان وڏو خوش نصيب آهي جو ان کي نبين، ولين سان گڏ حشر نصيب ٿيندو آهي۔ (انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام، صديقن ۽ شهيدن رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهمْ اَجْمَعِين سان گڏ هئڻ جي وضاحت ڪندي مفتي صاحب لکن ٿا:) پر اها همراهي اهڙي هوندي جيئن خادمن کي آقا سان گڏ همراهي ملندي آهي اهو مطلب نه آهي ته اهو واپاري نبي بڻجي ويندو، سٺو واپاري تَاجوَر (بادشاھ) آهي بُرو واپاري فاجر (گناهگار) آهي۔ (مرآۃ المناجيح،۴/۲۴۴)

مال ۾ملاوٽ ڪرڻ وارن، گهٽ تورڻ وارن، واپار ۽ ڪاروبار ۾ ڪوڙ