Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

ڳالهائي مال وڪڻڻ وارن کي سمجهائيندي امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ نصيحت جا مدني گل عطا فرمائن ٿا:

اے ملاوٹ کرنے والے مان جا                                           خوف کر بھائی عذابِ نار کا

چھوڑ دو اے تاجرو! کم تولنا                                                 جھوٹ چھوڑو بیچنے میں بولنا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! شريعت مطابق واپار ڪرڻ سان ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون نصيب ٿينديون آهن پر افسوس! علمِ دين کان دوري ۽ راتو رات مالدار بڻجڻ جا سهانا خواب ڏسڻ جي نامناسب سوچ جي سبب هاڻي واپار (Trade) جهڙو مقدس ترين پيشو مَعَاذَ الله عَزَّ وَجَلَّ ڪوڙ، غيبت، چغلي، بهتان بازي، نقصان پهچائڻ، حسد جي باھ ۾ سڙي بندش ۽ ڪارو جادو ڪرائڻ، بدنگاهي، وعده خلافي، مفاد پرستي، ڌوڪو ڏيڻ، لالچ، وياج خوري، رشوت جي ڏيتي ليتي، حرام خوري، ڪوڙا قَسم کڻڻ ۽ مصنوعي مهنگائي ڪرڻ سميت سوين قسمن جي برائين جو مجموعو بڻجي چڪو آهي۔ غالباً اهو اسلامي تعليمات ۽ واپار جي بنيادي مسئلن کان پاسو ڪرڻ جو ئي نتيجو آهي۔ واپاري ڏيتي ليتي جي حوالي سان صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جو زمانو انتهائي شاندار هو ڇوته انهن جي مبارڪ زماني ۾ صرف انهيءَ واپاري کي بازار ۾ اچڻ جي اجازت هوندي هئي جيڪو عالِم هجي ۽ وياج جي گناھ کان بچندو هجي جيئن امير المؤمنين حضرت سيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه فرمائيندا هئا ته اسان جي بازار ۾ اهو ئي شخص اچي جيڪو دين ۾ فقيه يعني عالم هجي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اهو وياج کائڻ ۾ مبتلا ٿي ويندو۔ (تفسيرقرطبي،پ۳ البقرۃ، تحت الايۃ:۲۷۵،الجزء الثالث،۲/۲۶۷)

اهڙي طرح صحابه جي زماني کان بعد ايندڙ بزرگ سڳورن رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهمْ اَجْمَعِين جي زندگي به خاص ڪري تاجربرادري جي لاءِ مشعلِ راھ آهي ڇوته اهي حضرات جتي اعليٰ درجي جا عابد ۽ زاهد هئا اتي مدني ذهن رکڻ وارا سچا ۽ امانت دار واپاري به هئا جو جن جو واپار مڪمل طور اسلامي اُصول ۽