Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

رہے سدا نرم ہی طبیعت،                                   نبیّ رحمت شفیع امّت

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان! اسلام عورتن جي حقن جو ڪيترو وڏو علمبردار، پيارو ۽ مهذب ترين مذهب آهي ته جيڪو نه صرف هر قسم جي ظلم ۽ زيادتي کان روڪيندو آهي بلڪ پنهنجي مڃڻ وارن کي قوتِ برداشت جو به درس ڏيندو آهي جيئن جڏهن هڪ شخص بارگاھ فاروقي ۾ پنهنجي گھرواريءَ جي شڪايت کڻي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته حضرت عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ ديانت داري جو ثبوت ڏيندي هن معاملي ۾ اسلامي تعليمات کي ان جي اڳيان نهايت خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيائون۔ جيڪو هن ڳالھ جو واضح ثبوت آهي ته اسلام ئي عورت جي عزت ۽ ناموس جو حقيقي پهريدار آهي۔ ياد رهي! اسلام کان پهريان عورتن جو حال تمام خراب هو، مردن جي نظر ۾ ان کان وڌيڪ عورتن جي ڪا حيثيت ئي نه هئي ته اهي مردن جي نفساني خواهش پوري ڪرڻ جو هڪ ”رانديڪو“ هيون، عورتون ڏينهن رات محنت مزدوري ڪري جيڪو ڪجھ ڪمائينديون هيون، اهو به مردن کي ڏئي ڇڏينديون هيون پر ظالم مرد پوءِ به انهن عورتن جو ڪو قدر نه ڪندا هئا بلڪ جانورن وانگر انهن کي مارڪُٽ ڪندا هئا، ٿوري ٿوري ڳالھ تي عورتن جا ڪن نڪ وغيره عضوا ڪپي ڇڏيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته قتل به ڪري ڇڏيندا هئا۔ عرب جا ماڻهو ڇوڪرين کي زنده دفن ڪري ڇڏيندا هئا ۽ پيءُ جي مرڻ کان بعد ان جا پٽ جهڙي نموني پيءُ جي جائيداد ۽ سامان جا مالڪ ٿي ويندا هئا اهڙي طرح پنهنجي پيءُ جي زالن جا مالڪ بڻجي ويندا هئا ۽ انهن عورتن کي زبردستي ٻانهيون ٺاهي رکندا هئا، عورتن کي انهن جي ماءُ پيءُ ڀيڻ يا مڙس جي وراثت (Inheritance) مان ڪو حصو نه ملندو هو نه عورتون ڪنهن شيء جون مالڪ ٿينديون هيون، جڏهن حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ خدا پاڪ جي طرفان ”دين اسلام“ کڻي تشريف فرما ٿيا ته سڄي دنيا جي ستايل عورتن جي قسمت جو ستارو چمڪي پيو۔ اسلام جي بدولت ظالم مردن جي ظلم ۽ ستم سان برباد ٿيل عورتن جو درجو ايتري قدر بلند ۽ بالا ٿي ويو جو ڌيءَ جي