Book Name:Islam Mukammal Zabita-e-Hayat Hai

تَنبِيه الغَافِلِين ۾ آهي ته هڪ شخص اميرُالمُؤمنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ جي بارگاھ ۾ پنهنجي گھرواريءَ جي شڪايت کڻي اچي رهيو هو۔ جڏهن هو سندن دروازي تي پهتو ته ساعن جن جع گھرواريءَ اُمِّ ڪلثوم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْها کي ناراضي جي عالم ۾ گفتگو ڪندي ٻڌو۔ هو شخص اهو چوندي واپس موٽي ويو ته مان ته پنهنجي زال جي شڪايت ڪرڻ جي ارادي سان انهن وٽ آيو هئس (پر) اهو ئي معاملو ته خود انهن سان به آهي (تنهنڪري هي ڪيئن منهنجو مسئلو حل ڪري سگهندا؟)۔ اميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ ان کي گھرايو۽ اچڻ جو مقصد معلوم ڪيو۔ ان عرض ڪيو: مان ته اوهان جي بارگاھ ۾ پنهنجي زال جي شڪايت ڪرڻ جي ارادي سان آيو هئس، پوءِ جڏهن مون (اوهان جي باري ۾) اوهان جي زوجه محترمه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْها جي گفتگو ٻڌي ته (مايوس ٿي) واپس موٽي ويس۔ اميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ ان کي ارشاد فرمايو: منهنجي گھرواري جا مون تي ڪجھ حق (Rights) آهن (يعني مون کي ان مان ڪجھ فائدا حاصل ٿيندا آهن) جنهن جي ڪري مان ان کان درگذر ڪندو آهيان: (1) هوءَ منهنجي لاءِ جهنم کان ديوار آهي، ان جي سبب منهنجو دل حرام کان بچيو رهندو آهي (يعني مان ان جي ذريعي نفساني خواهش جي تسڪين ڪري وٺندو آهيان ۽ ائين حرام ڪمن کان بچي ويندو آهيان)۔ (2) جڏهن مان پنهنجي گھران ٻاهر ويندو آهيان ته هوءَ منهنجي خزانچي ۽ منهنجي مال جي نگهبان بڻجي ويندي آهي۔(3) منهنجي ڌوٻِڻ آهي، منهنجي لاءِ ڪپڙا ڌوئيندي آهي۔ (4) منهنجي ٻار جي پرورش ڪندي آهي ۽ (5) منهنجي لاءِ ماني ۽ کاڌو پچائيندي آهي۔ اهو ٻڌي ان شخص چيو ته بيشڪ مون کي به پنهنجي زال کان اهي ئي فائدا حاصل ٿيندا آهن جيڪي اوهان کي حاصل آهن، پر مون ان سان ڪڏهن به درگذر کان ڪم ناهي ورتو، تنهنڪري هاڻي مان به درگذر سان ڪم وٺندس۔ (تنبيه الغافلين، باب حق المرأة علي الزوج،ص۲۸۰)

بنا دو صبر و رضا کا پیکر،                                       بنوں خوش اخلاق ایسا سرور