Book Name:Ilm Deen K Fazail

گذارڻ تي آماده ڪندي آهي، ان جي ناراضي وارن ڪمن کان پري رکندي آهي، جڏهن هو گناھ ڪرڻ لڳندو آهي ته ان جو انجام به ان جي پيشِ نظر هوندو آهي، عذابِ آخرت کان به خبردار هوندو آهي، جيڪڏهن بتقاضاءِ بشريت ڪڏهن گناھ ڪندو آهي ته هڪدم شرمسار ٿي توبه ۽ استغفار ڪندو آهي۔ اها خوبي دنيا جي ڪنهن ٻي علم سان پيدا ناهي ٿيندي بلڪه علمِ دِين ئي انسان ۾ اللہ  پاڪ جو خوف پيدا ڪندو آهي۔

علم دِين جا فائدا

حضرتِ سيدنا مُعَاذ بن جَبَل رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته اللہ  پاڪ جي مَحبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: علم حاصل ڪريو ڇوته اللہ  پاڪ جي رِضا جي لاءِ علم سکڻ خوفِ خدا آهي، علم تلاش ڪرڻ عبادت آهي، علم جي تڪرار ڪرڻ تسبيح ۽ علم جي جستجو ڪرڻ جهاد آهي، بي علم کي علم سيکارڻ صدقو آهي ۽ علم کي اهل تي خرچ ڪرڻ قربت يعني نيڪي آهي ڇوته علم حلال ۽ حرام جي سڃاڻپ جو ذريعو آهي، علم اهلِ جنت جي راھ جو نشان آهي ۽ علم خوف ۾ باعثِ راحت آهي، علم سفر ۾ هم نشين آهي، علم تنهائي جو ساٿي آهي، علم تنگدستي ۽ خوشحالي ۾ رهنما (Guide) آهي، علم دشمنن جي مقابلي ۾ هٿيار آهي، علم دوستن جي ويجهوزينت آهي، اللہ  پاڪ علم جي ذريعي سان قومن کي بلندي ۽ برتري عطا ڪري ڀلائي جي معاملي ۾ قائد ۽ امام ڪندو آهي پوءِ انهن جي نشانات ۽ افعال جي پيروي ڪئي ويندي آهي، عالمن جي رائي کي حرفِ آخر سمجھيو ويندو آهي ۽ ملائڪ عالمن جي دوستي ۾ رغبت ڪندا آهن، انهن کي پنهنجي پرن سان مس ڪندا آهن، عالمن جي لاءِ هر خشڪ ۽ تر شيء، سمنڊ جون مڇيون، جاندار، خشڪي جا درندا ۽ چوپايا استغفار ڪندا آهن، علم جهالت جي مقابلي ۾ دِلين جي زندگي آهي، علم تاريڪين جي مقابلي ۾اکين جو نُور آهي، علم جي ذريعي ٻانهو اولياءِ ڪرام جي منزلن