Book Name:Ilm Deen K Fazail

شيطان جو تخت

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”ملفوظاتِ اعليٰ حضرت“ ۾ آهي:

نَمازِ عصر کان پوءِ شيطان سمنڊ تي گڏ ٿيندا آهن، اِبليس جو تَخت (Throne) لڳندو آهي، شيطانن جا ڪم ڪار پيش ٿيندا آهن، ڪو چوندو آهي: ان ايترو شراب پياريو، ڪو چوندو آهي، ان ايتريون بدڪاريون ڪرايون (شيطان) سڀني جي ٻڌي۔ ڪنهن چيو: مون اڄ فُلاڻي طالِبِ علمِ (دين) کي پڙھڻ کان پري رکيو۔ (شيطان اهو) ٻڌندي ئي تَخت تان ٽپو ڏئي لٿو ۽ ان کي سيني سان لڳائي چيائين: اَنْتَ اَنْتَ (يعني بس) تُو (زبردست) ڪم ڪيو۔ ٻيا شيطان اها ڪيفيت ڏسي سڙي ويا ته اُنهن ايڏا وڏا وڏا ڪم ڪيا، انهن کي ڪجھ نه چيائين ۽ هن (شيطان جي چَيلي) کي (طالبِ علم دين کي صِرف هڪ موڪل ڪرائڻ تي) ايتري شاباش ڏني! اِبليس چيو: توکي خبر ناهي جيڪو ڪجھ تو ڪيو، سڀ ان ئي (علمِ دين پڙھڻ سان روڪڻ واري) جو صدقو آهي۔ جيڪڏهن (دِيني) عِلم هجي ته اهي (ماڻهو) گُناھ نه ڪن ها. (ملفوظاتِ اعليٰ حضرت، حصّه سوم ص 356)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شيطان جيتري قدر علمِ دين سکڻ سيکارڻ وارن سان دُشمني رکندو آهي، ايتري ڪنهن ٻي سان ناهي رکندو ۽ انهن کي علمِ دين کان پري ڪرڻ جي لاءِ طرح طرح جا وسوسا وجھندو آهي۔ اها حقيقت آهي ته راھ علم جو سفر آسان نه آهي پر شوق جي سواري ساڻس هجي ته دُشواريون منزل تائين پهچڻ ۾ رُڪاوٽ نٿيون بڻجن۔ اسان جا بزرگ سڳورا وڏي شوق ۽ چاھ سان علمِ دين حاصل ڪندا هئا، اچو! ترغيب طور ڪجھ حڪايتون ملاحظه ڪريو:

صحابي رسول جو شوقِ علم

حضرت سَيدُنَا عبداللہ  بن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهمَا فرمائن ٿا: رسول اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى