Book Name:Ilm Deen K Fazail

پُرنور ڪري ورتو ۽ نيڪين تي استقامت جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ جي لاءِ هر مهيني 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ان جو معمول بڻجي ويو۔

 

عطائے حبیبِ خدا مَدَنی ماحول      ہے فَیضانِ غَوث و رضا مَدَنی ماحول

سنور جائیگی آخِرت اِنْ شَآءَ اللہ     تم اپنائے رکھو سدا مَدَنی ماحول

سلامت رہے یا خدا مَدَنی ماحول    بچے نظرِبد سے سدا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

شرعي مسئلا حل ڪرڻ جو نرالو انداز

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”حافظه کيسے مضبوط هو؟“ جي صفحي نمبر 52 تي لکيل آهي ته حضرت سيدنا امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جهڙي جليل القدر امام جو شمار حضرت سيدنا امام محمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جي شاگردن ۾ ٿيندو آهي، هڪ ڀيري امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه پنهنجي استاد حضرت سيدنا امام محمدرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه وٽ هڪ رات قيام فرمايو، جڏهن رات ٿي ته امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه نفلن جي ادائيگي جي لاءِ اللہ  ڪريم جي بارگاھ ۾ بيهي رهيا جڏهن ته حضرت سيدنا امام محمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه بستر تي ئي آرام فرما رهيا، جڏهن فجر جو وقت ٿيو ته امام محمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه بنا وضو ڪرڻ جي نماز ادا ڪئي، امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه کي هن تي گھڻو تعجب ٿيو، پاڻ کان بي وضو نماز ادا ڪرڻ جو سبب پڇيائون ته حضرت سيدنا امام محمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه ارشاد فرمايائون: اوهان سڄي رات نفل ادا ڪري فقط پنهنجي لاءِ عمل ڪيو جڏهن ته مون نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سموري اُمّت جي لاءِ اهو