Book Name:Ilm Deen K Fazail

علم سکڻ وارن جي لاءِ مدني گل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! علم سکڻ وارن جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان 2 فرمانِ مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: جيڪو انسان علم جي ڳولها لاءِ ڪنهن راھ تي هلندو اللہ  پاڪ ان جي لاءِ جنت جي راھ آسان ڪندو آهي۔ (مسلم، ڪتاب الذڪر والدعاء،باب فضل الاجتماع علي تلاوۃ القرآن وعلي الذڪر ،ص۱۱۱۰، حديث:۶۸۵۳) (2) فرمايائون: جيڪو شخص علم جي طلب ۾ گھران نڪرندو آهي ملائڪ ان جي هن عمل مان خوش ٿي ان جي لاءِ پنهنجا پر وڇائيندا آهن۔ (طبراني ڪبير ،۸/۵۵،حديث:۷۳۵۰) ٭ علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سفر ڪرڻ بُزُرگان دِين جي سنت آهي۔ (40 فرامين مصطفي، ص۲۳) ٭ علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سُوال ڪرڻ يقيناً فضيلت جو سبب آهي پر سُوال ڪرڻ جي آدابن جو لحاظ ڪرڻ به ضروري آهي. (فيضان ِداتا علي هجويري، ص۱۳) ٭ علم خزانو آهي ۽ سُوال ڪرڻ ان جي چاٻي آهي۔ (الفردوس بماثور الخطاب،۲/۸۰،حديث:۴۰۱۱) ٭ علم سکڻ جي لاءِ سوال ڪرڻ کان شرمائڻ نه گھرجي۔ (اعرابي ڪے سوالات ۽ عربي آقا ڪے جوابات، ص۸) ٭ خوشامد ڪرڻ مؤمن جي اخلاق مان نه آهي پر علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ خوشامد ڪري سگھي ٿو۔ (شعب الايمان ،باب في حفظ اللسان،۴/۲۲۴ ، حديث: ۴۸۶۳) ٭ اهڙا سوال ڪرڻ کان به بچيو وڃي جنهن جو دنياوي يا اُخروي فائدو نه هجي۔ (اعرابي ڪے سوالات ۽ عربي آقا ڪے جوابات ،ص۹) ٭ علم حاصل ڪرڻ کان بعد ان کي بيان نه ڪرڻ واري جو مثال ان شخص جيان آهي جيڪو خزانو گڏ ڪندو آهي پوءِ ان مان ڪجھ به خرچ ناهي ڪندو۔ (المعجم الاوسط،۱/۲۰۴،حديث ۶۸۹) ٭ جڏهن ڪنهن عالمِ دِين کان ڪو سوال ڪرڻ هجي ته ادب طور ان کان سوال پڇڻ جي اجازت طلب ڪئي وڃي۔ (اعرابي ڪے سوالات ۽ عربي آقا ڪے جوابات، ص۶) ٭ علم ۾ زيادتي تلاش سان ۽ واقفيت سوال سان ٿيندي آهي ته جنهن جو توهان کي علم ناهي ان جي باري