Book Name:Ilm Deen K Fazail

علم (قيامت جي ڏينهن) تنهنجي ڪم نه ايندو جيئن ڪو شخص جهنگ ۾ هجي ۽ ان وٽ ٻين هٿيارن کان علاوه 10 ”تلوارون“ به هجن ۽ اهو انهن کي استعمال ڪرڻ ۾ مهارت به رکندو هجي ۽ اهو بهادر به هجي۔ ايتري ۾ اوچتو هڪ وڏو خوفناڪ شينهن ان تي حملو ڪري ته تنهنجو ڇا خيال آهي ته استعمال ڪرڻ کانسواءِ صرف هٿيارن جي موجودگي، ان کي انهيءَ مصيبت کان بچائي سگهي ٿي؟ يقيني طور تي تون چڱيءِ طرح ڄاڻين ٿو ته انهن هٿيارن کي استعمال ۾ آڻڻ کانسواءِ ان حملي مان نه ٿو بچي سگهجي۔ ان ڪري ياد رک ته جيڪڏهن ڪو شخص هڪ لک علمي مسئلن تي عبو حاصل ڪري ۽ هو ان جي تعليم به ڏيندو هجي، پر ان جو پنهنجي علم تي عمل نه هجي،  ته ان کي ڪجهه به فائدو نه ڏيندو۔ (ايھا الولد،ص۲۵۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلس مڪتبةُ المدينه

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشِقانِ رَسُول جي مَدَني تَحريڪ دعوتِ اسلامي ڪم وبيش 104 شُعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ ۾ مَصروف آهي، جن مان هڪ شعبو مجلس مڪتبة المدينه به آهي. شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو آغاز ۱۴۰۶ھ بمطابق 1986ء ۾ فرمايو ۽ سڀ کان پهريان بيانن جون آڊيو ڪيسٽون جاري ڪيون ويون. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مڪتبة المدينه ان مختصر عرصي ۾ جيڪا ترقي ڪئي اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، هن مُختَصَر عرصي ۾ مڪتبة المدينه تان سَرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه، اميرِ اَهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ۽ اَلْمَدِينَة الْعِلْمِية جا ڪتاب به ڇپجي لکن جي تعداد ۾ عوام جي هٿن ۾ پهچي سُنتن جا گُل مهڪائي رهيا آهن.

 

اللہ کرم ایسا کرے تُجھ پہ جہاں میں      اے دعوتِ اسلامی تِری دُھوم مچی ہو!

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ علمِ دين جو نور ڦھلائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مجلس آئي ٽي