Book Name:Ilm Deen K Fazail

کي ماڻيندو آهي ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ بلند رتبي تي پهچي ويندو آهي،علم ۾ غور وفڪر ڪرڻ روزن جي برابر آهي،علم سکڻ سيکارڻ نماز جي برابر آهي، علم جي ذريعي صله رحمي (رشتيدارن سان ڀلائي) ڪئي ويندي آهي، علم سان حلال ۽ حرام جي سڃاڻپ حاصل ٿيندي آهي، علم عمل جو امام آهي ۽ عمل ان جي تابع آهي ۽ خوش بختن کي علم جو الهام ڪيو ويندو آهي جڏهن ته بدبختن کي علم کان محروم ڪيو ويندو آهي۔

(الترغيب والترهيب، ڪتاب العلم، باب الترغيب في العلم،۱/۵۲ حديث: ۸)

علم حاصل کرو جہل زائل کرو      پاؤ گے راحتیں قافلے میں چلو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بُزُرگ سڳورن جو علم بابت شوق

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته علم ِدِين حاصل ڪرڻ وارن خوش نصيبن جي لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون خوشخبريون آهن، پر اها ڳالھ به ذهن نشين ڪري وٺو ته جيڪا شيءَ جيتري اهم هوندي آهي ڪڏهن ڪڏهن ان کي حاصل ڪرڻ به ايترو ئي دشوار (Difficult) ٿيندو آهي۔ طرح طرح جون رڪاوٽون، پريشانيون ۽ مشڪلاتون انسان جي سامهون بيهي رهنديون آهن ۽ پوءِ اهو ئي شخص ڪامياب ٿيندو آهي، جنهن جا ارادا مضبوط هجن، نيت صاف هئڻ سان گڏوگڏ ربِّ ڪائنات جي ذات تي ڪامل ڀروسو به هجي، ڇوته علم حاصل ڪرڻ اهڙي شيءَ آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ ۾ نه صرف دُنياوي مشڪلاتون اينديون آهن بلڪه شيطان به طالبِ علم دِين جي ذهن ۾ طرح طرح سان وسوسا پيدا ڪري ان عظيم نعمت سان محروم ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندو آهي ۽ جنهن تي شيطان لعين جو اهو وار هلي وڃي ته هو ان کي پنهنجي تمام وڏي ڪاميابي تصور ڪندو آهي ۽ گھڻو خوش ٿيندو آهي جيئن ته