Book Name:Ilm Deen K Fazail

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! اسان جا بُزرگ سڳورا علمِ دين حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي ڪهڙي مشقت ۽ پريشاني برداشت ڪندا هئا، بک، اُڃ ۽ حالات جي تنگي به انهن جي علم دِين واري جذبي کي ختم نه ڪري سگھي۔ انهن اللہ  وارن تي جڏهن ڪا مصيبت ۽ آزمائش ايندي هئي ته اهي حضرات شڪوه شڪايت ڪرڻ بدران نماز ۽ اللہ  پاڪ جي مقدس نالن جي ذريعي اللہ  پاڪ کان مدد گھرندا هئا۔ طالبِ علمي واري دور کان ئي گمنامي جي زندگي گذارڻ انهن کي بيحد پسند هو، پنهنجي وڏائي چاهڻ ۽ ماڻهن ۾ مشهوري ڪرائڻ جهڙين بُرين عادتن کان پاڻ کي گھڻو بچائيندا هئا، انهن جي اِخلاص جو عالم ته ڏسو جڏهن انهن کي اهو خوف ٿي ويندو هو ته ڪٿي انهن جي شهرت ۽ واھ واھ نه ٿئي ته هي اللہ  وارا ان هنڌ کي هميشه جي لاءِ ڇڏي ڪنهن اهڙي هنڌ هليا ويندا هئا جتي انهن کي ڪو سڃاڻڻ وارو نه هوندو هو۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيهم اجمعين جي نقشِ قدم تي هلندي انتهائي ذوق ۽ شوق سان علم دِين حاصل ڪريون، تڪبر، شهرت جي طلب ۽ حُبِّ جاھ جهڙين خطرناڪ آفتن کان بچندا رهون، اخلاص جو دامن مضبوطي سان پڪڙي رکون، علم حاصل ڪرڻ دوران ايندڙ مشڪلاتن ۽ پريشانين کي خوش دلي سان برداشت ڪندي اللہ  پاڪ جي رحمت تي نظر رکون ۽ هرحال ۾ اللہ  پاڪ جي رحمت تي ڀروسو ڪريون، ڇوته جيڪي ماڻهو اللہ  پاڪ جي ذات تي ڪامل ڀروسو رکندا آهن اللہ  پاڪ انهن جي لاءِ ان راھ ۾ آسانيون پيدا ڪندو آهي۔ هن حڪايت مان اهو به معلوم ٿيو ته علمِ دِين اهڙي شيءَ آهي جيڪا انسان کي دِين ۽ دنيا ۾ عزت وارو ڪندي آهي۔

صدرُالشريعه مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: علم اهڙي شيء ناهي جنهن جي فضيلت ۽ خُوبين کي بيان ڪرڻ جي حاجت هجي، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته علم نهايت بهتر شيء آهي، ان کي حاصِل ڪرڻ فضيلت جو سبب