Book Name:Ilm Deen K Fazail

آهي ۽ جڏهن موت ان مشغلن کي ختم ڪندي آهي ته اها گھڻي تڪليف محسوس ڪندي آهي ۽ ان کي بي انتها افسوس ٿيندو آهي ۽ نبي اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن فرمانِ عاليشان: اَلنَّاسُ نِيامٌ فَاِذَامَاتُوْا اِنْتَبَھُوْا۔ يعني ماڻهو سُتل آهن جڏهن مري ويندا ته بيدار ٿي ويندا۔ مان به اهو ئي مراد آهي۔

(حليۃ الاولياء،سفيان ثوري،۷/۵۴، حديث:۹۵۷۶) (لباب الاحياء ،ص۲۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڪهڙو علم حاصل ڪرڻ فرض آهي؟

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دينِ اسلام هر هڪ کي ان جي ضرورت مطابق عِلْمِ دِين سکڻ جو گھڻو تاڪيد ڪيو آهي جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ آهي: طَلَبُ الْعِلْمِ فَرِيضَۃٌ عَلٰي کلِّ مُسْلِمٍ يعني علم جو حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد (۽ عورت) تي فرض آهي۔ (سُنَنِ اِبن ماجه، ج۱ ،ص۱۴۶ ،حديث: ۲۲۴)

 هاڻي سوال هي آهي ته اهو ڪهڙو علم آهي جنهن جو حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض قرار ڏنو ويو آهي ۽ جنهن کي حاصل ڪرڻ جو پيدائش کان وٺي موت تائين حڪم ڏنو ويو آهي ۽ جيڪڏهن ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ چِين (China) جهڙي ٻاهرين ملڪ ۾ وڃڻ جي مشقت ۽ تڪليف به کڻڻي پئي ته ضرور کڻي پر علم حاصل ڪري۔

ظاهر آهي ته هن جو مطلب هي ته نٿو ٿي سگھي ته تمام علوم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهن۔ (بهارِ شريعت۳/۱۰۲۹) ته پوءِ هن مان ڇا مراد آهي۔ اچو! هن باري ۾ اعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسنّت، مولانا شاھ امام اَحمد رَضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جيڪو ڪجھ فرمايو آهي، ان جو آسان لفظن ۾ خُلاصو پيشِ خدمت آهي، جيئن

پاڻ فرمائن ٿا: سڀ کان پهريان ۽ اَهم ترين فرض اهو آهي ته بُنيادي