Book Name:Ilm Deen K Fazail

محدثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جو شوقِ علم

 محدِّث ِ اعظم پاڪستان حضرتِ مولانا سردار احمد قادري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه کي مطالعي جو ايترو شوق هو جو مسجد ۾ نمازِ باجماعت ۾ ڪجھ دير ٿيندي هئي ته ڪنهن ڪتاب جو مُطالعو ڪرڻ شروع ڪندا هئا۔ جڏهن پاڻ منظر الاسلام بريلي شريف ۾ زيرِ تعليم هئا ته ساٿي شاگردن جي سمهڻ کان پوءِ به محله سوداگران ۾ لڳل لالٽين (Laltern) جي روشني ۾ پنهنجو سبق ياد ڪندا هئا۔ سندن استادن کي هن ڳالھ جي خبر پئي ته انهن سندن ڪمري ۾ لالٽين جو بندوبست ڪرائي ڇڏيو۔ (سيرتِ صدرالشريعه، ص۲۰۱)

بِحَمْدِاللہ کیا شُہرہ ہوا سردار احمد کا       کہ اِک عالَم فدائی ہوگیا سردار احمد کا

زبانِ خَلق سے حق نے کیا اِعلانِ سرداری     جبھی تو آج ڈنکا بج رہا سردار احمد کا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان اسان جا بُزرگ سڳورا ڪهڙي طرح ذوق وشوق سان علم دِين حاصل ڪندا هئا ۽ علم دِين حاصل ڪرڻ دوران ايندڙ ڪنهن به رڪاوٽ کي منهن ڏئي ان جو حل ڪڍي علم دِين کي حاصل ڪندا هئا۔ بزرگانِ دِين جي هنن واقعن کي ذهن ۾ رکي اچو! ٿورو اسان پنهنجي باري ۾ سوچيون ٿا ته ڇا ڪڏهن اسان به علم ِدِين جون فضيلتون ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇا اسان ڪڏهن علمِ دين حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ڇا اسان به ڪڏهن اهو سوچيو ته علم دِين حاصل ڪرڻ ۾ اسان جي لاءِ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن؟ ۽ انهن جو ڇا حل آهي؟ ڇا اسان ڪڏهن اهلِ علم کان هن باري ۾ مشورو ڪيو؟ جڏهن ته ٻي پاسي اسان جو حال هي آهي ته ڪاروبار (Business) جي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي تجربيڪار ماڻهن سان مشاورت