Book Name:Ilm Deen K Fazail

جامعة المَدِينه﴿عالمِ دين ۽ عالمه بڻائڻ وارو شعبو﴾

                                                اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي تحت نيڪي جي دعوت ۽ علمِ دين جي اشاعت جي لاءِ جامعات المدينه قائم آهن جن ۾ شاگردن کي مفت تعليم سان گڏوگڏ قيام، طعام ۽ ضروري سهولتون (مثال طور ڪمپيوٽر ليب، مطالعي جي لاءِ مناسب جڳھ ۽ ڪتاب، طِبّي علاج جي لاءِ ادويات وغيره) به بِلا مُعاوَضه فراهم ڪيون وينديون آهن۔ هن نظام کي هلائڻ جي لاءِ صرف پاڪستان ۾ قائم جامعات المدينه جي تعميرات جي علاوه سالانه اَخراجات ڪروڙين ۾ آهن جيڪي اوهان جي ڏنل مدني عطيات (چندي) مان پورا ڪيا ويندا آهن۔ جامعات المدينه ۽ ان ۾ زيرِ تعليم طلبه ۽ طالبات جو تعداد ملاحظه ڪريو:

تعدادجامعات المدينه(ملڪ و بيرونِ ملڪ)         546 (پنج سو ڇائيتاليھ)

شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تقريباً تعداد    تقريباً 40109 (چاليھ هزار هڪ سو نو)

استادن وغيره جو ڪل مدني عملو (اسٽاف)   تقريباً 4124 (چار هزار هڪ سو چويھ)

فارغ التحصيل شاگرد ۽ شاگردياڻيون    6871(ڇھ هزار اٺ سو ايڪهتر)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح غريبن، مسڪينن، يتيمن، بيواهن، حاجَت مَندن ۽ ضرورت مند رِشتيدارن جي مالي امداد ڪرڻ وڏو ڀلائي جو ڪم آهي، اهڙي طرح زڪوٰۃ، صَدَقات و عَطِيات وغيره جي ذريعي عِلمِ دِين جي فَروغ خاطِر عِلمِ دِين حاصِل ڪرڻ وارن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مالي امداد ڪرڻ به وڏي اجر ۽ ثواب جو سبب آهي۔ ياد رهي! ٻين حاجَت مَندن جي مُقابلي ۾ دِين جي خاطِر پنهنجو گھربار ڇڏي مَدارِس المدينه ۽ جامعة المدينه ۾ رهائشي ضرورت مند شاگردن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ اُنهن جي مالي خِدمت ڪرڻ وڌيڪ ثواب جو ڪم آهي۔

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ضِيائے صَدَقاتجي صفحي 172 تي آهي: حُجَّةُ الاسلام حضرت سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه نَقل ڪن ٿا: هڪ عالِم جو مَعمُول هو ته هو صَدَقو ڏيڻ ۾ صُوفي فُـقَراء