Book Name:Ilm Deen K Fazail

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

راههِ علم

حضرت سَيدُنا ابُوالحسن فقيهه صفاررَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: اسان مشهور محدث حضرت سَيدُنا حسن بن سُفيان نَسَوِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جي خدمتِ بابرڪت ۾ رهندا هئاسين، هڪ ڀيري انهن فرمايو: ٻڌو! جڏهن مون کي علم دين سکڻ جو شوق ٿيو ته مان ان وقت نوجوان هئس، منهنجي ڏاڍي خواهش هئي ته مان حديث ۽ فقه جو علم حاصل ڪريان۔ پوءِ اسان ڪجھ دوست (Friends) علم دين حاصل ڪرڻ جي لاءِ مصر ڏانهن روانا ٿياسين ۽ اسان اهڙن استادن ۽ محدث سڳورن جي ڳولها شروع ڪئي، جيڪي پنهنجي دور جا سڀ کان وڌيڪ