Share this link via
Personality Websites!
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ”نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه“ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .
(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)
ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.
(2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.
٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
حضرت سَيدُنا ابُوالحسن فقيهه صفاررَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: اسان مشهور محدث حضرت سَيدُنا حسن بن سُفيان نَسَوِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جي خدمتِ بابرڪت ۾ رهندا هئاسين، هڪ ڀيري انهن فرمايو: ٻڌو! جڏهن مون کي علم دين سکڻ جو شوق ٿيو ته مان ان وقت نوجوان هئس، منهنجي ڏاڍي خواهش هئي ته مان حديث ۽ فقه جو علم حاصل ڪريان۔ پوءِ اسان ڪجھ دوست (Friends) علم دين حاصل ڪرڻ جي لاءِ مصر ڏانهن روانا ٿياسين ۽ اسان اهڙن استادن ۽ محدث سڳورن جي ڳولها شروع ڪئي، جيڪي پنهنجي دور جا سڀ کان وڌيڪ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami